پاڪستانسنڌ

ٿر ۾ زبردست وسڪارو،مٺي ۽ اسلام ڪوٽ ۾ پاڻي گهرن ۽ دڪانن ۾ داخل

مٺي/اسلام ڪوٽ:مٺي ۽ اسلام ڪوٽ ۾ کنوڻ ۽ گجگوڙ سان ڏيڍ ڪلاڪ تائين پيل برسات سبب برساتي پاڻي گهرن ۽ دڪانن ۾ داخل ٿي ويو، جڏهن ته برسات دوران کنوڻ ڪرڻ سبب 9 ٻڪريون مري ويون. تفصيل موجب گذريل ڏينهن اسلام ڪوٽ ۽ ڀرپاسي سانوڻي ُمند جي برسات جو زوردار وسڪارو ٿيو، مسلسل ڏيڍ ڪلاڪ تائين کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات وسڻ سبب پاڻي شهر جي هيٺيائين واري لوهار پاڙي، بجير، ميگهواڙ ۽ سوٽهڙ پاڙي سميت مارڪيٽ ۾ دڪانن کي گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو. ڊرينيج سسٽم ناڪارا هئڻ سب پاڻي دڪانن ۽ گهرن اندر داخل ٿي ويو. جڏهن ته سونارا پاڙي ۾ سيٺ لڇمڻ جي گهر جي ديوار سامهون واري گهر تي ڪرڻ سبب گهر اندر رهندڙ ليڊي هيلٿ ورڪر لڇمي زال سيتلداس مالهي زخمي ٿي پئي، جنهن کي مٺي اسپتال نيو ويو. برسات دوران کنوڻ ڪرڻ جا پڻ واقعا پيش آيا، شهر جي والجي ڪالوني ۾ ڌرمون ڪولھي جي گهر جي چئونري تي کنوڻ ڪرڻ سبب 9 ٻڪريون مري ويون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button