پاڪستانسنڌ

ٽنڊي ڄام ۾ گرفتارين خلاف ٿاڻي آڏو ڌرڻو، پوليس تي ونگار جو الزام

ٽنڊوڄام: ٽنڊي ڄام ۾ مگسي برادري جي ماڻھن گرفتارين ۽ پوليس پاران ٻي ڌر جي ونگار وهڻ خلاف ٽنڊوڄام ٿاڻي اڳيان حيدرآباد-ميرپور روڊ تي رڪاوٽون رکي ٽائر ساڙي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي مظاھرين مخالف ڌر ۽ ٽنڊوڄام پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي، روڊ بند ٿيڻ سبب روڊ جي ٻنھي پاسي سوين گاڏين جون قطارون لڳي ويون. مظاھرين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ڏيڍ سال اڳ اسان جي نوجوان ميوو مگسي کي ايوب مگسي ۽ ٻين بيگناھه قتل ڪيو ھو، جنهن جو ڪيس ايوب مگسي ۽ سندس ساٿين خلاف ڪورٽ ۾ ھلندڙ آھي، ڪيس تان ھٿ کڻڻ لاءِ جوابدار ايوب مگسي اسان تي دٻاءُ وجهي رهيو آھي ۽ ھاڻ پوليس جي مدد سان ڪيس جي فريادي مير مگسي، گواهن ميان بخش مگسي، حاجن مگسي، رجب مگسي ۽ حسين بخش مگسي کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪرايو آھي، 12 جولائي تي ڪيس جي شنوائي آھي. ٻئي پاسي ڊي ايس پي ٽنڊوڄام مظاھرين سان ڳالھيون ڪري گرفتار ماڻهن کي آزاد ڪري اڍائي ڪلاڪن کان لڳل ڌرڻو ختم ڪرائي روڊ کولرايو. جڏھن ته ڌرڻي دوران مختلف وقتن تي پوليس ۽ مظاهرين ۾ چڪريون ٿينديون رھيون. جڏھن ته الزام ھيٺ آيل ڌر جي ايوب مگسي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته مون تي لڳايل الزام سراسر ڪوڙ ۽ بدنيتي تي ٻڌل آھن، آئون ھڪ عزتدار ۽ پرامن شھري آھيان، ھنن سال اڳ مون کي مارڻ لا منھنجي گھر مٿان فائرنگ ڪئي ۽ منھنجي گاڏي تي حملو ڪيو، مختلف وقتن تي منھنجي پٽن کي مارڻ جي نيت سان حملو ڪري کين زخمي ڪيو، جنھن جا ڪيس ٽنڊوڄام ٿاڻي تي داخل ٿيل آھن، ھن وڌيڪ چيو ته ڪجھه ڏينھن اڳ مخالفن منھنجي ڪيلي جي باغ تي ھلان ڪري ڪيلي جي فصل کي سخت نقصان پھچايو ھو، جنھن ڪيس ۾ نامزد جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪري بند ڪيو ته سندن وارثن ۽ ٻين دھشتگردي جو مظاھرو ڪندي جوابدارن جي آزادي لا روڊ بند ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button