پاڪستانسنڌ

ڪيٽي بندر مان جوان ڇوڪري اغوا، وارثن جو ٿاڻي اڳيان ڌرڻو

ڳاڙھو: ڪيٽي بندر مان جوان ڇوڪري مبينا اغوا ٿي وئي، وارثن ٿاڻي اڳيان ڌرڻو هنيو، پوليس ٿاڻو ڇڏي گم ٿي وئي. ان سلسلي ۾ ڪيٽي بندر پوليس جي حد ٻگھاڻ جي گجڙيا برادري جي سوين مردن ۽ عورتن ٻگھاڻ ٿاڻي سامھون رمضان گجڙيو جي اڳواڻي ۾ ڪيٽي بندر-ڪراچي روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ زبردست نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي هنن چيو ته گذريل رات دير سان رسول بخش، حنيف، رفيق، حسن ملاح ۽ ٻين ھٿياربندن گھر ۾ گھڙي سندن نوجوان ناري شاھدہ ڌي رمضان ملاح کي زوري اغوا ڪري ورتو، جوابدارن سندس والد تي سخت تشدد ڪيو، ٻگھاڻ پوليس ڪجھه ڪرڻ لا تيار ناهي. ٻئي طرف احتجاج سبب ٻگھاڻ ٿاڻي جي پوليس ٿاڻي مان فرار ٿي وئي، جنهن بعد ڊي ايس پي ڳاڙهو ڌرڻي واري هنڌ پهچي رمضان ملاح سان ڳالھيون ڪري 24 ڪلاڪن اندر اغوا ڪيل ناري کي بازياب ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن بعد احتجاج ختم ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙن چتا ڏنو ته انصاف نه ٿيو ته ٻيھر احتجاج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button