پاڪستانسنڌ

ٽنڊي غلام علي جي معصوم شاگردياڻي بازياب نه ٿي، ما جون دانهون

ٽنڊو غلام علي: ٽنڊو غلام علي جي ڳوٺ اسحاق ڳهيلڙو جي رهواسڻ پيرسن عورت رخسانه زال شير محمد ڳهيلڙو پنهنجي پوٽن سان پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ۽ معصوم نياڻي جي بازيابي لا دانهون ڪيون. ان موقعي تي هن چيو ته معصوم نياڻي 8 ڪلاس جي شاگردياڻي مهوش ڌي شير محمد لغاري کي مبينا ورغلائي اغوا ڪندڙ بااثر ۽ سندس ٻن پٽن خلاف ڪاروائي نٿي ڪئي وڃي. 3 ڏينهن اڳ ڳوٺ جي بااثر شخص پنهنجي ٻن پٽن جي مدد سان سندن 8ڪلاس ۾ پڙھندڙ نياڻي مهوش کي اغوا ڪري گم ڪري ڇڏيو آھي، رپورٽ داخل ڪرائڻ لا وڏو پٽ ٽنڊو غلام علي ٿاڻي تي ويو ته پوليس بااثر جوابدارن جي ونگار وهندي منهنجي پٽ نياز محمد کي ڪاٺ چاڙھي بنا ڪيس جي لاڪپ ڪري ڇڏيو. رخسانه روئيندي ٻڌايو ته بااثر شخص اڳواٽ مون سميت سندس مڙس شير محمد ۽ رڪشا هلائي مزدوري ڪندڙ پٽ خدا بخش کي رمضان مهيني ۾ سندس ڀيڻ جي پاڻمرادو گهران نڪرڻ جي الزام ۾ پوليس هٿان ٻڌرايو هو، بعد ۾ چڱن جي وچ ۾اچڻ تي کين آزاد ڪيو ويو، پر پٽ خدابخش کي اسان جي آزادي کانپو به پوليس بااثرن جي چوڻ تي رمضان جي عيد واري رات کان 8 ڏينهن مسلسل واڙي رکيو. شڪ آھي بااثر نياڻي کي ماري نه ڇڏين. هن ڊسٽرڪٽ سيشن جج بدين، ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي بدين کان گهر ڪئي ته مغوي نياڻي کي بااثرن کان بازياب ڪرائي ملوث بااثر ۽ سندس سهولتڪارن خلاف قدم کڻي انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button