اسلام آباد :موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان سمورن سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن کي خبردار ڪندي چيو آهي ته ايندڙ 24 کان 48 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ گجگوڙ سان گڏ تيز برساتن جو امڪان آهي، ان ڪري هو خبردار ۽ تيار رهن. انهن برساتن ۾ متاثر ٿيندڙ ماڻهن جو انگ 9 لک ٻڌايو ويو آهي. جڏهن ته اين ڊي ايم اي برساتن ۾ ٿيل نقصان جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن، جنهن موجب ملڪ ۾ گذريل ٻن هفتن دوران طوفاني برساتن سبب 76 ڄڻا فوت ۽ 133 زخمي ٿي پيا آهن. اين ڊي ايم اي موجب سڀ کان وڌيڪ پنجاب ۾ طوفاني برساتن سبب 48 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. برساتن دوران خيبرپختونخوا ۾ 20 ۽ بلوچستان ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا. جڏهن ته پنجاب ۾ 86 ڄڻا زخمي ۽ خيبرپختونخوا ۾ برساتن سبب 37 ڄڻا زخمي ٿي پيا. فوت ٿي ويلن ۾ 31 ٻار، 30 مرد ۽ 15 عورتون شامل آهن. ان کان علاوه طوفاني برساتن دوران مختلف حادثن ۾ 46 ٻار، 49 مرد ۽ 38 عورتون پڻ زخمي ٿي پيون. برساتن سبب 76 گهر ڊهي پيا ۽ 44 ڍور برساتي ريلن ۾ ٻڏي ويا. اين ڊي ايم اي موجب پنجاب ۾ 32 ۽ خيبرپختونخوا ۾ 46 گهرن کي نقصان پهتو آهي. هوڏانهن ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته پاڪستان ۾ ايندڙ 24 کان 48 ڪلاڪن دوران وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. سڀ کان وڌيڪ برسات پنجاب جي شهرن لاهور، نارووال ۽ سيالڪوٽ ۾ پوڻ جو امڪان آهي. ڪالهه پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته ٻين صوبن ۾ پڻ تيز برساتن سان گڏ وچولي درجي جي برساتن لاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي. لينڊ سلائيڊنگ جي خطرن وارن شهرن ۽ ميونسپل علائقن لاءِ شهري ٻوڏ جو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. هن چيو ته جامع تياري ۽ فعال رد عمل زندگين کي بچائي سگهي ٿو ان لاءِ متاثر علائقن ۾ سموريون ريسپانس ٽيمون، عوامي ۽ اين جي اوز ٻنهي کي چوڪس رهڻ جي ضرورت آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close