اسلام آباد:وزيراعظم شهباز شريف آرمي چيف جنرل عاصم منير تي قاتلاڻي حملي جي سوشل ميڊيا تي مهم جي سخت مذمت ڪندي فوري ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. هڪ بيان ۾ وزيراعظم شهبازشريف آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير تي قاتلاني حملي جي سوشل ميديا تي مهم هلائڻ جي سخت مذمت ڪندي چيو ته 9 مئي جي ڪاري ڏينهن لاءِ به اهڙي طرح ئي ذهن سازي ڪئي وئي هئي. هن چيو ته 9 مئي جو پلان ٺاهيندڙ سهولتڪار ۽ هينڊلرز کي چٽو پيغام آهي ته پاڪستان ۽ ان جي ادارن خلاف هر سازش ناڪام بڻائي ڇڏينداسين. هن چيو ته آرمي چيف ۽ فوج خلاف ناپاڪ ۽ شرانگيز ميڊيا مهم شيطاني ذهن جي رٿابندي جو نتيجو آهي. وزيراعظم چيو ته سازشي ذهن ۽ عنصر ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام جي خلاف ٻيهر سرگرم عمل آهن. شهبازشريف چيو ته شهيدن جي خلاف غليظ ميڊيا مهم هلائيندڙن جي نئين ميڊيا مهم هڪ ئي منصوبي جي ڪڙي آهي. وزيراعظم لاڳاپيل ادارن کي ميڊيا مهم هلائيندڙن جي خلاف اندرين ۽ ٻاهرين ملڪي قانوني قدمن جي هدايت ڪئي. ويراعظم چيو ته فوج ۽ ان جي سربراهه خلاف ميڊيا مهم اظهار جي آزادي جي زمري ۾ نٿي اچي. هي صرف سازش آهي جنهن کي پوري طاقت سان روڪڻ قانوني فرض آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close