ڇاڇرو: ڇاڇري شهر جو رهواسي ٿر جو ناليوارو لوڪ فنڪار انب فقير گهڻو عرصو گڙدن جي بيماري سبب لاڏاڻو ڪري ويو. استاد انب فقير جي ڀا ستار فقير ۽ ٻين وارثن موجب انب فقير 7 سالن کان گڙدن جي بيماري ۾ مبتلا هو، استاد انب فقير پاڻ پرائمري استاد هو، هميشه پنهنجي پيشي سان سچائي ۽ ايمانداري سان نڀايو، بيماري سبب علاج جو خرچ نه ڪري مجبوري سبب رٽائر ٿيو، گهر جو الھه تلھه پينشن وغيره سڀ ڪجهه لڳائي علاج ڪرايو، پر صحت ۾ سڌارو نه آيو. انب فقير کي چار پٽ ۽ ٻن نياڻين جو اولاد آهي. انب فقير جو مڙهه وارث ڪراچي کان ڇاڇرو کڻائي آيا، سندس اڄ تدفين ڪئي ويندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close