سامارو: سامارو لڳ ڊينگاڻ ڀرڳڙي جي ڳوٺ ھادي بخش ڀرڳڙي جي رھواسڻ 45 سالن جي عورت پنج ٻارن جي ما ھيمي ٻائي زال ڌرمشي ڪولھي ڪجھه مھينن کان وات جي ڪينسر سبب زندگي ۽ موت سان جهيڙي رهي آهي، ڳري علاج جي سگهه نه هجڻ سبب عورت بستري تي تڙپي رهي آهي. سندس پورھيت مڙس ڌرمشي ڪولھي صحافين آڏو دانھيندي چيو ته ٻڪرين سميت الھه تلھه کپائي حيدرآباد جي نمرا اسپتال مان زال جو علاج ڪرايو، جتي کاڌي پيتي ۽ دوائن جو خرچ نه ھجڻ ڪري واپس گھر آياسين، گھرواري جي طبيعت ۾ سڌارو نه آيو آھي. ھن ايم اين اي مير منور ٽالپر، ايم پي اي نور احمد ڀرڳڙي ۽ سنڌ سرڪار کان گهر ڪئي ته زال جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي. ٻئي طرف سوشل ورڪرن، سماجي اڳواڻن ۽ صحافين پريس ڪلب تان عورت جي وارثن سان گڏجي شھر ۾ جھولي جھلي چندو گڏ ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو، پھرئين ڏينھن 29 ھزار رپيا گڏ ٿيا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close