پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ منشيات فروشن خلاف رهواسين جو احتجاجي مظاهرو

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ سيال ڪالوني جي رهواسي ڀيل برادري جي عورتن، مردن ۽ ٻارن بااثر منشيات فروشن جي زيادتين خلاف نٽھڻ اس ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ۽ انصاف لا ڇتي نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي صحافين اڳيان دانهيندي ڦولان ڀيل، مانسنگ، ٽيلو، رائمل، ڌرمون ڀيل ۽ ٻين چيو ته حلال مارڪيٽ ۾ منشيات فروش نواب خالد، سلمان ۽ ماجد قريشي منشيات جو ڪاروبار ڪن ٿا، جيڪي اسان وٽ آيا ۽ چيو ته ٽنڊوالھيار ۾ ٽرڪ مان ڀاڻ لاھڻو آھي، اسان جي ٽن ڄڻن ساجن ڀيل، مانسنگ ڀيل ۽ رائمل کي ڪار ۾ وٺي ويا، جيڪي ٽنڊوالهيار بائي پاس تي ٽرڪ وٺي اسان جي ماڻھن کي ڇڏي فرار ٿي ويا، ٽرڪ ۾ منشيات ھجڻ سبب ٽنڊوالھيار پوليس ڇاپو ھڻي اسان جي ٽنھي نوجوانن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ٽنڊوالھيار پوليس اسان کان 2 لک رشوت وٺي ٻن ڄڻن مانسنگ ۽ رائمل کي ڇڏي ڏنو، پر ساجن ڀيل اڃان قيد آهي. هنن ايس ايس پي ميرپورخاص ۽ ٽنڊوالهيار کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي جاچ ڪرائي اسان جي نوجوان کي آزاد ڪيو وڃي ۽ اصل منشيات فروشن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button