پاڪستانسنڌ

عثمان شاهه هڙي لڳ حادثو، مٽياري جو رهواسي فوت

عثمان شاهھ ھڙي: عثمان شاھه ھڙي ويجهو ٽنڊوالهيار-ٽنڊوآدم روڊ جي جمع خان لنڊ بس اسٽاپ وٽ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ مٽياري واسي 25 سالن جو نوجوان سهيل پٽ بهرام بالادي فوت ٿي ويو، حادثي ۾ انصاف پٺاڻ زخمي ٿي پيو، اطلاع تي عمرساند پوليس پهچي فوتي جو مڙھه ۽ زخمي کي سول اسپتال ٽنڊوالهيار منتقل ڪيو، جتان زخمي کي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري حيدرآباد ريفر ڪيو ويو، فوتي جو تعلق مٽياري جي ڳوٺ قادربخش بالادي سان ٻڌايو پيو وڃي ۽ زخمي نوجوان جي سڃاڻپ ڳوٺ الهرکيو واسي طور ٿي. پوليس ضروري ڪاروائي بعد فوتي جو مڙھه وارثن حوالي ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button