پاڪستانسنڌ

سانگهڙ ۾ نافرمان پٽ گوليون هڻي پي کي قتل ڪري ڇڏيو

سانگھڙ: سانگھڙ شھر جي راڻا راجپوت ڪالوني ۾ جوابدار پٽ ڪامران شاهه گھريلو پريشانين سبب گهر اندر پسٽل جا فائر ڪري پنهنجي پي رٽائرڊ ڊاڪٽر عبدالصمد شاهه کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويو، پاڙيوارن مقتول ڊاڪٽر جو لاش کڻائي اسپتال پھچايو، جتي ڊاڪٽرن ڊاڪٽر عبدالصمد شاهه جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او سانگھڙ زاھد ڪمبوهه ٻڌايو ته پٽ ۽ پي ۾ شادي جي معاملي تان پراڻو تڪرار ھلندڙ ھو، پي صمد شاهه پٽ کان لاتعلقي جو پڻ اظهار ڪيو ھو، پر پٽ بضد ھو ته منهنجي شادي ڪرائي وڃي، ڇوته سندس پٽ اڳ پيار جي شادي ڪئي هئي، جنهن کي طلاق ڏئي ڇڏي ھئي، جنهن تي پي پٽ ۾ تڪرار ھلندڙ ھو. گذريل ڏينهن گهر ۾ ڪير نه ھو ۽ جوابدار نافرمان پٽ فائرنگ ڪري پي کي ماري ڇڏيو. ھوڏانھن لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button