فريدآباد: فريدآباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ شيرو ڏيپر مان نوجوان ناري زاھدان سوڍر پنهنجي چاھيندڙ گدا حسين خاصخيلي سان مبينا طور گھران نڪري وئي ھئي، واقعي بعد سوڍر ڌر جي ماڻهن ڳوٺ خدابخش خاصخيلي ۾ ٻن عورتن بلقيس خاصخيلي، وزيران خاصخيلي ۽ سندس ھڪ سال جو ٻا زبير اغوا ڪري ورتو هو، جن کي پوليس ڏيڍ مھينو گذرڻ باوجود بازياب ناهي ڪرائي سگهي. ٻن عورتن بلقيس، وزيرا خاتون ۽ معصوم ٻار جي بازيابي لا خاصخيلي برادري جي مردن ۽ عورتن ھوران خاتون، زيبل خاتون، مريم خاتون، عبدالستار خاصخيلي، خادم خاصخيلي، امداد خاصخيلي، عاشق خاصخيلي ۽ شاھنواز خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ پاڪ ڪتاب کڻي خدابخش خاصخيلي-فريدآباد روڊ تي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي 3 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽرئفڪ جام ٿي وئي. ان موقعي تي عبدالستار خاصخيلي چيو ته اسان سان ناحق ۽ ظلم ٿيو آهي، 2 عورتون پوليس بازياب ڪرائي نٿي سگھي، اسان علائقي ۾ پاڪ ڪتاب کڻي گھمايو آهي، پر اسان سان انصاف ڪير به نٿو ڪري. ھنن چيو ته اسان جون عورتون الائي ڪھڙي حال ۾ آهن، مخالف ڌر سوڍر برادري جا ماڻهو بااثر آهن، جيڪي ڪيس تان ھٿ کڻائڻ لا ڌمڪائي رھيا آهن. ڌرڻي واري ھنڌ ايس ايڇ او فريدآباد عبدالقيوم کوسو پھچي ڳالھيون ڪيون ۽ راڄوڻي اتحاد جي اڳواڻ روشن خاصخيلي سان فون تي رابطو ڪري خاطرائي ڪرائي 5 ڏينهن جي مھلت تي ڌرڻو ختم ڪرايو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close