ميرپورخاص: کاهي ۾ سڱاوتي تڪرار تان مبينا طور حملي ۾ نوجوان جو هٿ وڍجي ويو، وارثن انصاف نه ملڻ خلاف ميرپورخاص ۾ احتجاج ڪيو. کاھي ٿاڻي جي حد ڳوٺ علي حسن ھاليپوٽو جي رهواسي ڀيمو ڪولھي، ديالو ڪولھي، زخمي ڪرشن ڪولھي ۽ عورت والو ڪولھي ميرپورخاص پھچي بااثرن ۽ حد جي پوليس جي زيادتين خلاف مظاهرو ڪيو. هنن صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته سڱاوتي تڪرار تان علائقي واسي بااثر ڪاريو ڪولھي، ڌارشي، راڻو ڪولھي، چنديو ۽ ھرچند ڪولھي سميت ٻن نامعلوم ماڻهن ھٿيارن ۽ ڪھاڙين سميت گھر تي ڪاھه ڪري عورتن ۽ مردن تي تشدد ڪيو، جنهن بعد مردن کي ڳلي مان جھلي گھيلي دين محمد نھڙي جي اوطاق اڳيان ڪھاڙين جا وار ڪيا، جنهن ڪري ڪرشن ڪولھي جو ھڪ ھٿ مڪمل ڪٽجي ويو، جڏهن ته ڄنگهه ۽ پيرن ۾ ڪھاڙين جا ڌڪ لڳا، ڪرشن جي زال پريمي پڻ زخمي ٿي پئي، کاھي ٿاڻي تي آگاهي ڏئي اسان زخمي ڪرشن کي ڪراچي ۾ ٽراما سينٽر ۾ داخل ڪرايو، واپس ڳوٺ پهچڻ بعد ڪيس داخل ڪرائڻ وياسين ته پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. بااثر اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ سميت موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. متاثر رهواسين واسطيدار اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي حملو ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close