پاڪستانسنڌ

راڌڻ ۾ ڏيتي ليتي تان سئوٽن ۾ جهيڙو، نوجوان قتل

راڌڻ: راڌڻ ۾ ڇيلي جي خريداري جي ڏيتي ليتي تان سئوٽن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ نوجوان دم ڏئي ڇڏيو. راڌڻ جي ريلوي ڦاٽڪ جي رھواسي طالب حسين جانوري ماجد جانوري کان ڇيلو خريد ڪري پئسا ڏيڻ ۾ دير ڪئي ته ماجد جي مامن حملو ڪري طالب جانوري کي قتل ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ مقتول جي چاچي منظور جانوري صحافين کي ٻڌايو ته مقتول تي تراب جانوري، پپن جانوري، سھڻو جانوري ۽ الطاف جانوري منهنجي موجودگي ۾ مٿس حملو ڪري تشدد ڪري کيس قتل ڪيو، جنهن جي اين سي راڌڻ ٿاڻي داخل ڪرائي وئٔي آهي. ھاڻ فرياد داخل ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button