پاڪستانسنڌ

ورڪشاپ ۾ 2 مهين اڳ پرڻيل جوان عورت جو لاش مليو، قتل جو الزام

ورڪشاپ: منگلي ٿاڻي جي حد ورڪشاپ جي ڳوٺ واڊڪي ۾ 2 مهينا اڳ پرڻيل 18 ورهين جي ساران زال عمران شر جو گهر مان کٽ تي پيل لاش مليو، اطلاع تي منگلي پوليس پهچي لاش کڻائي سانگهڙ اسپتال آندو، جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جن سانگهڙ ۾ مٽي ما حوالي ڪيو. عورت جي پيرسن والدين صحافين اڳيان انصاف لا دانهون ڪيون. هنن چيو ته اسان جي نياڻي تي سندس مڙس تشدد ڪندو هو، قتل ٿي آهي، جاچ ڪرائي انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي ساران جي سس، سھري ۽ مڙس عمران شر ٻڌايو ته ساران خودڪشي ڪئي آهي، هن پکي ۾ ڦاهو کاڌو. هوڏانهن واقعي بابت معلوم ٿيو آهي ته ساران جي 2 مهينا اڳ شادي ٿي هئي، جنهن تي مڙس تشدد ڪندو هو، عورت پاران ڦاهو کائڻ جو ڊرامو رچايو ويو آهي. بااثر ماڻهن پاران ساران جي والدين تي خاموش رهڻ لا دٻا وڌو ويو آهي. 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس ڪا ڪاروائي ناهي ڪئي، نه ئي واقعي جي اين سي داخل ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button