پاڪستانسنڌ

ٽنڊوجان محمد ۾ پوليس خلاف زخمي نوجوان جي وارثن جو مظاهرو

ٽنڊوجان محمد : ٽنڊوجان محمد ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي کي سازش تحت گوليون ھڻي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ جوابدارن خلاف 3 ڏينھن گذرڻ باوجود ڪيس داخل نه ٿيڻ تي زخمي نوجوان دائم علي خاصخيلي جي ما عافيه، ماسي شميم، نياز خاصخيلي، محمود ۽ ٻين مردن ۽ عورتن پوليس خلاف ميرپورخاص نئون ڪوٽ روڊ بلاڪ ڪري مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ پوليس خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي زخمي نوجوان جي ما عافيه چيو ته ٽنڊوجان محمد ٿاڻي جو ايس ايڇ او جنيد ميمڻ ۽ ڊي ايس پي جھڏو بااثر ماڻهن جي ونگار وهندي جوابدارن جي ڌر بڻجي ڪيس داخل نٿا ڪن، اسان جو ڇوڪرو زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهي پيو، جوابدارن پاڪ ڪتاب تي ٺاهھ ڪري اسان سان ظلم ڪيو ۽ منهنجي پٽ کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ايتري ظلم باوجود پوليس انصاف ڏيارڻ بدران ڪيس ئي داخل نٿي ڪري. ھنن ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي کان کان مطالبو ڪيو ته ڌر بڻيل پوليس آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين سزا ڏياري وڃي. ٻئي طرف ڊي ايس پي جھڏو مظاهرين وٽ پهچي ڳالھيون ڪيون ۽ ڌرڻو ختم ڪرايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button