اسلام آبادپاڪستان

توشا خانا ڪيس شنوائي جوڳو آهي يا نه؟ اڄ فيصلو ٿيندو

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشا خانا ڪيس کي شنوائي جوڳو قرار ڏيڻ خلاف پي ٽي آئي چيئرمين جي درخواست تي شنوائي اڄ سومر تي ڪندي. چيف جسٽس عامر فاروق پي ٽي آئي چيئرمين جي درخواست تي شنوائي ڪندو. تفصيل موجب گذريل هفتي چيف جسٽس موجود نه هجڻ سبب شنوائي نه ٿي سگهي هئي. تحريڪ انصاف جي چيئرمين 8 جولاءِ جو سيشن ڪورٽ جو فيصلو هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. ٽرائل ڪورٽ به ڪيس 17 جولاءِ تي شنوائي لاءِ مقرر ڪيو آهي. جڏهن ته پي ٽي آئي چيئرمين ڪيس جي ٽرائل تي منع نامو ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي. پي ٽي آئي چيئرمين جا 6 ڪيس ٻي عدالت کي منتقل ڪرڻ جي درخواست به شنوائي لاءِ مقرر آهي. بشريٰ بي بي جو هڪ ڪيس ٻي عدالت کي منتقل ڪڻ جي درخواست به اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ شنوائي لاءِ مقرر آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button