اسلام آبادپاڪستان

اسلام آباد جي مارگلا هلز ۾ عورت سان زيادتي ڪندڙ جوابدار گرفتار

اسلام آباد :اسلام آباد پوليس 3 ڏينهن جي ڪوششن بعد آخرڪار مارگلا هل ۾ جابلو رستي تي عورت سان زيادتي ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.پوليس موجب زيادتي جو مبينا جوابدار اسلام آباد جي ڪوهسار ٿاڻي تي پهچي ويو ۽ قلم 376 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو. پوليس جي دعويٰ آهي ته شروعاتي طبي معائني ۾ ثابت نه ٿيو ته عورت سان زيادتي ڪئي وئي، عورت جي جسم تي ڪنهن به قسم جا نشان نه هئا، زيادتي دوران مزاحمت يا زخمن جا نشان هئا. پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته مقتول عورت ڪيس جي جاچ ۾ پوليس سان سهڪار نه ڪري رهي هئي، پوليس ٽيڪنيڪل بنيادن تي جوابدار جي ڳولا بعد رات دير سان جوابدار کي گرفتار ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button