پاڪستانسنڌ

آرمي چيف جون ايراني فوجي قيادت سان ملاقاتون، دهشتگردي گڏيل خطرو قرار

تهران: آرمي چيف جنرل عاصم منير 2 ڏينهن جي دوري تي ايران جي فوجي قيادت سان ملاقاتون ڪيون. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف ايران جي فوجي قيادت سان ملاقاتون ڪيون جنهن ۾ سرحدي علائقن ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ موثر سهڪار تي اتفاق ڪيو ويو. پاڪ ايران فوجي سربراهن اتفاق ڪيو ته دهشتگردي خطي ۽ ٻنهي ملڪن لاءِ گڏيل خطرو آهي. آءِ ايس پي آر موجب ٻنهي ملڪن جي فوجي قيادت انٽيليجنس شيئرنگ آپريشن ذريعي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ عزم جو اظهار ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ايران جي صدر ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير عبدالله سان به ملاقات ڪئي جنهن ۾ علائقائي امن لاءِ پاڪستان ۽ ايران ٻطرفن لاڳاپن جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آرمي چيف کي پاڪ فوج جي هيڊڪوارٽرز ۾ ايراني فوج گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button