پاڪستانسنڌ

ڏهرڪي ۾ بدامني ۽ ڌاري آبادڪاري خلاف قومپرست ڌرين جي ريلي

ڏهرڪي: ڏھرڪي ۾ جيئي سنڌ محاذ جي سڏ تي جسقم، ايس يو پي ۽ قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن ضلعي گهوٽڪي ۾ وڌندڙ بدامني، اغوا ڪاري، لاقانونيت، قبيلائي تڪرار جي خاتمي ۽ سنڌ ۾ ڌارين افغاني دهشتگرد پٺاڻن جي نيڪالي لاءِ سائين جي ايم سيد چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي جامع مسجد چوڪ آڏو ڌرڻو هنيو. ريلي ۾ ڪارڪنن پاران افغاني پٺاڻن جي نيڪالي، ضلع ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۽ قبيلائي جهيڙا بند ڪرائڻ لاءِ نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي ايس يو پي اڳواڻ حاتن خان شر، اڪرم ميتلو، ڪمال خان مهر، ميرحسن لاشاري ، لطف الله شر، ظهور دايو ۽ ٻين چيو ته گهوٽڪي ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني سبب شهري ۽ ڳوٺاڻا غير محفوظ بڻجي ويا آهن، پوليس جي نااهلي سبب ڏوهاري سرعام وارداتون ڪري رهيا آهن، ڏوهاري سنڌ ۾ رهندڙ اصلوڪن وارثن جي مندرن تي حملا ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جنهن جي ڪري گهوٽڪي واسي عدم تحفظ جو شڪار آهن، هڪ سازش تحت سنڌ ۾ بدامني ۽ قبيلائي تڪرار ڪرائي سنڌ جو امن تباهه ڪيو پيو وڃي. هنن وڌيڪ چيو ته ڪجھه سازشي عنصر مذهبي انتهاپسندي پيدا ڪري سنڌ جي اصل سنڌين کي لڏائڻ جي سازش ڪري رهيا آهن، جنهن کي سائين جي ايم سيد ۽ شهيد بشير خان قريشي جا پيروڪار ناڪام بڻائيندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button