پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ضلعي ڪائونسل جو اجلاس، 55 ڪروڙ 3 لک جي بجيٽ منظور

ميرپورخاص: ميرپورخاص ضلعي ڪائونسل جو اجلاس ضلعي چيئرمين مير انور ٽالپر جي صدارت ھيٺ ڪمشنر آفيس جي حال ۾ ٿيو، جنھن ۾ سال 24_2023ع جي بجيٽ پيش ڪئي وئي. بجيٽ ۾ آمدني جو ڪاٿو 55 ڪروڙ 3 لک 85 ھزار 300 رپيا لڳايو ويو، جڏھن تھ خرچن جو ڪاٿو 55 ڪروڙ 3 لک 64 ھزار 500 رپيا لڳايو ويو، 18 لک 54 لک 88 ھزار 900 رپيا بچت ڏيکاري وئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو تھ سنڌ حڪومت پاران ضلعي ڪائونسل کي 35 ڪروڙ 4 لک 61 ھزار 400 رپيا او ذي ٽي شيئر ملي ٿو، وٽرنري اسپتالن، ڍڪ ۽ ٽينڊر في جي مد ۾ 10 لک 5 ھزار، دڪانن جي مسواڙن جي مد ۾ 6 لک رپيا، ٻي آمدني جي مد ۾ 2 لک رپيا، ڪيپٽل آمدني (دڪانن) جي بقايائن جي ۾ 5 لک 30 ھزار رپيا ۽ گذريل سال جي بچت 18 ڪروڙ، 54 لک، 88 ھزار 900 رپيا ڏيکاري وئي آھي. بجيٽ ۾ ملازمن جي پگھارن تي 13 ڪروڙ 42 لک، 45 ھزار 500 رپيا، رٽائرڊ ملازمن جي پينشن، گريجوئٽي ۽ ڪنٽريبيوشن تي 10 ڪروڙ، 90 لک رپيا، ڪانٽيجنسي جي مد ۾ 2 ڪروڙ، 74 لک، 84 ھزار رپيا، آڊٽ في ۽ ڪنٽربيوشن جي مد ۾ 25 لک رپيا، ھلندڙ ترقياتي اسڪيمن لاءِ 89 لک، 85 ھزار رپيا، نين ترقياتي اسڪيمن لاءِ 24 ڪروڙ 5 لک رپيا، قدرتي آفتن دوران ايمرجنسي لاءِ ھڪ ڪروڙ 3 لک رپيا، موجودهھ ۽ رٽائرڊ ملازمن جي بقايائن لاءِ 1 ڪروڙ، 29 لک 50 ھزار رپيا، مختلف ادارن ۽ نادار ماڻھن جي سھائتا لاءِ 40 لک رپيا، ملازمن جي اسڪالرشپ لاءِ 4 لک رپيا رکيا ويا. ان موقعي تي ڳالھائيندي پ پ ڪائونسلر نور حسن چانڊيو چيو تھ ضلعي جا مسئلا وڌيڪ آھن، سنڌ حڪومت کان ملندڙ او زي ٽي شيئر نھ ھئڻ برابر آھي، جيڪي وڌرايا وڃن. جي ڊي اي جي ڪائونسلر جاويد جوڻيجي چيو تھ سنڌڙي تعلقي ۾ برساتن جو پاڻي اڃا تائين بيٺو آھي، ماڻھن جي سھائتا ۽ پاڻي نيڪال لاءِ ڪي بھ پئسا ناھن رکيا ويا. ڪائونسلر نادر لغاري چيو تھ ضلعي اندر ڪيترين ئي يوسيز جون آفيسون ناھن، آفيسن جي تعمير لاءِ سنڌ حڪومت کي لکيو وڃي. ڪائونسلر جان محمد لغاري چيو تھ برساتن دوران ايل بي او ڊي ۽ پراڻ سبب جيڪي تباھيون اچن ٿيون، اهي مسئلا حل ڪيا وڃن. پ پ ڪائونسلر نجما لاشاري ۽ عظمينه چانڊيو چيو تھ بجيٽ ۾ عورتن جي ڀلائي لاءِ ڪي بھ فنڊز ناھن رکيا. ان موقعي تي شاھين، عابدا پروين، علي حسن گرگيز ۽ ٻين پڻ پنھنجن علائقن جي نشاندھي ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button