پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ ملڪيت جي تڪرار تان وڏي ڀاءُ ۽ ڀائيٽن هٿان پوليس وارو قتل

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي لياري ۾ ملڪيت جي تڪرار تان وڏي ڀاءُ ۽ ڀائيٽن هٿان پوليس اهلڪار قتل ٿي ويو. چاڪيواڙه ٿاڻي جي حد گلستان ڪالوني لياري ڪول گودام وٽ گوليون لڳڻ ۽ تشدد جي نتيجي ۾ قتل ٿيل ڪانسٽيبل جو لاش سول اسپتال آندو ويو. جتي مقتول جي سڃاڻپ 35 ورهين جي اسماعيل خان پٽ مقبول خان طور ٿي آهي. مقتول گارڊن پوليس هيڊڪوارٽر ڏکڻ ۾ مقرر هو. مقتول جي ڀاءُ سليم موجب اسماعيل کي وڏي ڀاءُ بخت زمان ۽ سندس پٽن فائرنگ ڪري قتل ڪيو. اسماعيل کي قتل ڪرڻ بعد بخت زمان ۽ سندس پٽن مقتول جي موٽرسائيڪل کي به باهه ڏئي ڇڏي.

هن چيو ته 2016ع کان اسان جو وڏي ڀاءُ سان ملڪيت تان تڪرار هلندڙ آهي. ان کان اڳ به اسان جي ڀاءُ بخت زمان مون تي ۽ اسماعيل تي حملو ڪيو هو. اسماعيل ڪيترائي ڀيرا پوليس آفيسرن کي ان معاملي بابت ٻڌايو پر ڪابه مدد نه ڪئي وئي. مقتول پوليس اهلڪار 2008ع ۾ پوليس ۾ ڀرتي ٿيو هو. مقتول کي 5 ٻار آهن ۽ وڏي ڌيءَ جي عمر 11 سال آهي. واقعي کانپوءِ جوابدار بخت زمان پنهنجي ٻارن سميت فرار آهي. هوڏانهن پوليس ڪانسٽيبل کي قتل ڪرڻ واري واقعي جو سي سي ٽي وي وڊيو سامهون اچي ويو آهي. وڊيو ۾ پوليس اهلڪار اسماعيل کي وڏو ڀاءُ ۽ ڀائيٽيا پڪڙي تشدد جو نشانو بڻائيندي نظر اچن ٿا، تشدد بعد مقتول اسماعيل کي گوليون هنيون ويون. جڏهن ته مقتول کي گوليون هڻڻ بعد سندس مٿي تي ڏنڊن ۽ سرين جا وار به ڪيا ويا، جوابدارن فرار ٿيڻ کان اڳ پوليس اهلڪار جي گاڏيءَ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button