پاڪستانسنڌ

ٽنڊوالهيار ۾ آبادگارن جو آبپاشي عملي خلاف مظاهرو

ٽنڊوالھيار: ٽنڊوالهيار ۾ ميل شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن پاڻي کوٽ ۽ آبپاشي عملي جي ناجائزين خلاف مريد هوٽل وٽ ميرپورخاص-ٽنڊوآدم روڊ بند ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اسماعيل عمراڻي، وڏيري موسو خاصخيلي، عبدالعزيز عمراڻي ۽ ٻين چيو ته 4 مھينن دوران عملي ھٿرادو پاڻي بند ڪري پڇڙي جي آبادگارن جو معاشي قتل ڪري رھيا آهن، عملو منڍ جي آبادگارن کي چند ڏوڪڙن عيوض پاڻي وڪرو ڪري ظلم ڪيو پيو، ان ڪري اسان جون زمينون بنجر ٿي ويون آهن. ميل شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن جو پوکيل فصل سڪي تباھه ٿي ويو آھي. آبادگارن آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري ۽ وڏي وزير کان گهر ڪئي ته پاڻي ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button