پاڪستانسنڌ

ننگرپارڪر ۾ سس ۽ ننهن جا وڻ ۾ ٽنگيل لاش مليا

ننگرپارڪر: ننگرپارڪر جي ڳوٺ سوندر جي رهواسي سس ۽ ننهن جا وڻ ۾ ٽنگيل لاش مليا. ٻني ۾ ڪم ڪندڙ 55 ورهين جي جيجان زال سوجو ۽ سندس ننهن 30 ورهين جي مروان زال ديوان ميگهواڙ جا هڪ ئي وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ آيا آھن، ڳوٺاڻن لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو، ڏانوڌانڌل پوليس پھچي لاش ھيٺ لاٿا، لاش پوسٽ مارٽم لا ننگرپارڪر اسپتال آندا ويا. واقعي واري ھنڌ موجود 12 سالن جي نينگري انيتا صحافين کي ٻڌايو ته جيجان جو لاش ڏسي اسان رڙيون ڪيون ۽ ڪوشش ڪئي ته رسو ٽوڙيون ته مروان مون کي چيو تون ڊوڙي ڳوٺ وڃ، ڪنھن ماڻھو کي سڏي اچ تہ جيجان جو رسو وڍي. نينگري چيو ته آئون ڊوڙيندي ڳوٺ ڏانھن ويس ته پويان مروان به خودڪشي ڪري ڇڏي. ٻئي طرف واقعي بابت ڳوٺاڻن صحافين کي ٻڌايو ته سس ۽ ننھن جو گھر ۾ جھيڙو روز جو معمول بڻيل ھوندو ھو، ٿي سگھي ٿو ته جھيڙي سبب عورتن خودڪشي ڪئي آھي. فوتي ناري مروان جي ٻن سالن جي نياڻي آھي، جيڪا گھر ۾ ھئي، جڏھن ته فوتي عورت جو مڙس ديوان رازو (مستري) آھي، جيڪو ڳوٺ ۾ ئي مزدوري ڪري رھيو ھو ته کيس واقعي جو اطلاع مليو ھو. واقعي بعد ماحول سوڳوار بڻجي ويو. ٻئي پاسي سس ۽ ننهن جا لاش ملڻ جو ايس ايس پي ٿرپارڪر زاهده پروين ڄامڙو نوٽيس ورتو ۽ ڊي ايس پي مٺي کي جاچ جو حڪم ڏنو. پوليس ٻڌايو ته جاچ ٽيم جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button