پاڪستانسنڌ

عثمان شاهه هڙي لڳ پوليس جو مخبر هجڻ جي شڪ ۾ نوجوان قتل

ٽنڊوالهيار: عثمان شاهه هڙي ۾ 2 مھينا اڳ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل سليمان لنڊ جي پٽ پي جي پلاند ۾ نوجوان وحيد لنڊ کي سڌيون گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو. عثمان شاھه ھڙي ويجھو ڊاسوڙي ٿاڻي جي حد ڳوٺ الهيار لنڊ ۾ نوجوان وحيد لنڊ کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. علائقي ۾ چوٻول آهن ته2 مهينا اڳ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل سليمان لنڊ جي پٽ سرفراز لنڊ نوجوان کي پوليس جي مخبري ڪرڻ جي شڪ ۾ قتل ڪيو علائقي واسين ۾ اهي چوٻول آهن ته سرفراز لنڊ 2 مھينه اڳ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل پنهنجي پي سليمان لنڊ جو پلاند ڪرڻ لا وحيد کي ماريو. ٻئي طرف پوليس نوجوان جي قتل واقعي کان بي خبر رهي ۽ ڄاڻايل ڳوٺ وڃڻ کان لنوائيندي رهي، مقتول جو لاش ڳوٺ ۾ ئي پيل رهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button