پاڪستانسنڌ

گمبٽ ڀرسان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، درازا واقعي ۾ ملوث جوابدار سميت 2 ڄڻا قتل

خيرپور/گمبٽ: گمبٽ ڀرسان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، درازا واقعي ۾ ملوث جوابدار سميت 2 ڄڻا قتل، هڪ زخمي. خبر موجب گمبٽ تعلقي جي ڳوٺ وريو واھڻ ۾ جوھر علي ۽ ببلو شاھاڻي ڪجھه ڏينھن اڳ قتل ٿيل عجب جوڻيجو جي وارثن سان دعا گھري واپس ڳوٺ طرف وڃي رھيا ھئا ته ڳوٺ ٻاھران درازا مائينر پل وٽ ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو. جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ جوھر علي شاھاڻي ۽ نواب عرف نبن جوڻيجو گوليون لڳڻ سبب ٿڏي تي ئي مارجي ويا. جڏھن ته ھڪ ڄڻو صحبت جوڻيجو زخمي ٿي پيو. واقعي جي اطلاع تي اي ايس پي گمبٽ جي اڳواڻي ۾ وڏي تعداد ۾ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش ۽ زخمي کي کڻائي گمس اسپتال منتقل ڪيو. ان حوالي سان پوليس ٻڌايو ته واقعي جي جاچ ڪري رھيا آھيون، نواب جوڻيجو درازا واقعي ۾ گھربل ھو، مٿس 50 لک رپيا انعام جي پڻ سفارش ٿيل ھئي، قتل ڪيس داخل ڪري جوابدار گرفتار ڪيا ويندا. ٻئي پاسي پوليس علائقي ۾ پوليس پڪٽ قائم ڪري ورتي. ياد رهي ته درازا واقعي ۾ مسلم ليگ فنڪشنل جا 13 ڄڻا قتل ٿي ويا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button