اسلام آبادپاڪستان

9 مئي وارا حملا بنا ڪنهن شڪ جي سنگين آهن:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد :چيف جسٽس چيو ته 9 مئي تي ٿيندڙ حملا بنا ڪنهن شڪ جي سنگين آهن، اهڙا حملا ڪڏهن نه ٿيا پر ٽرائل منصفاڻو ٿيڻ گهرجي. منهنجي يادگيري ۾ ماضي ۾ اهڙو ڪو واقعو ناهي ٿيو جو سڄي ملڪ ۾ ادارن تي حملا ٿيا هجن. سويلينز جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل ڪيس ۾ اٽارني جنرل سپريم ڪورٽ کي 9 مئي واقعن ۽ نقصانن جا تفصيل ٻڌائي ڇڏيا.سپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن ۾ سويلين جي ٽرائل خلاف درخواستن تي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 6 رڪني لارجر بئنچ شنوائي ڪئي. بئنچ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي، جسٽس عائشا ملڪ شامل آهن.اٽارني جنرل روسٽرم تي آيو ته چيف جسٽس چيو جي اٽارني جنرل صاحب فرمايو، جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته لکت درخواستن جو واليم ٽو پڙهندس. اٽارني جنرل منصور عثمان دليل جاري رکندي 9 ۽ 10 مئي واقعن جون تصويرون عدالت ۾ پيش ڪيون ۽ ٻڌايو ته 9 مئي واقعا 3 وڳي کان 7 وڳي جي وچ ۾ ٿيا، راولپنڊي ۽ بنون ۾ 3 وڳي واقعا پيش آيا، ڪور ڪمانڊر هائوس لاهور ۾ 5 لڳي 40 منٽن، ميانوالي ۾ ساڍي 5 وڳي، سيالڪوٽ ۾ 5 وڳي حملو ڪيو ويو. هن چيو ته پي ايف بيس ميانوالي جي بائونڊري ڀت کي نشانو بڻايو ويو، ايئر بيس تي ميراج فائٽر جهاز موجود هئا، ايم ايم عالم طرفان 1965 ۾ استعمال ڪيل جهاز کي ساڙيو ويو، جڏهن ته ايئر بيس تي ٻيا ويڙهاڪ جهاز ۽ وڏي مقدار ۾ فيول موجود هئي. اٽارني جنرل چيو ته 62 واقعا رڳو پنجاب ۾ پيش آيا، جن ۾ ڪيترائي اهلڪار زخمي ٿيا، 98 سرڪاري گاڏين کي نشانو بڻايو ويو. لاهور ۾ سي ايس ڊي کي ساڙيو ويو، فوج هٿيار هلائڻ ۾ تربيت يافتا هوندي آهي پر 9 مئي واري ڏينهن فوج لچڪ جو مظاهرو ڪيو. سندس چوڻ هو ته ريڊيو پشاور کي مڪمل طور تباهه ڪيو ويو، تيمر گراه ۾ اسڪول کي نقصان پهچايو ويو، پنجاب رجمينٽ مردان سينٽر، بلوچستان رجمينٽ ايبٽ آباد تي حملو ڪيو ويو، موٽر وي ٽول پلازا سوات کي ساڙيو ويو. هن ٻڌايو ته 9 مئي تي بلوچستان ۽ سنڌ ۾ صورتحال ڪنٽرول ۾ هئي، فوجي آفيسرن جي احتجاج ڪندڙن کي پوليس جيان منهن ڏيڻ جي تربيت ناهي هوندي، فوجي آفيسرن کي اهڙي قسم جي جٿن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ ناهي سيکاريو ويندو. چيف جسٽس چيو ڇا توهان اهو چئي رهيا آهيو ته فوجين کي رڳو گولي هلائڻ ايندي آهي؟ اٽارني جنرل چيو 9 مئي واقعن ۾ ملڪ کي مجموعي طور تي اڍائي ارب رپين جو نقصان ٿيو، رڳو فوجي ملڪيتن کي هڪ ارب 98 ڪروڙ رپين جو نقصان ٿيو، مان ڪجهه تصويرون ڏيکارڻ چاهيان ٿو، جنهن سان خبر پوندي ته ماڻهو جي ايڇ ڪيو ۾ ڪيئن داخل ٿيا. اٽارني جنرل چيو ته ڪالهه عدالت کي فل ڪورٽ جوڙڻ جي اپيل ڪئي هئي، پهريون ڀيرو سياسي جماعت طرفان عسڪري ملڪيتن تي حملا ٿيا، ان نوعيت جو ڪيس پهريون ڀيرو سپريم ڪورٽ ۾ آيو آهي، تنهن ڪري فل ڪورٽ جي اپيل ڪئي. سپريم ڪورٽ ماضي ۾ به فوجي عدالتن ۾ ٽرائل درست قرار ڏئي چڪي آهي، جنهن تي جسٽس مظاهر نقوي چيو ته ماضي ۾ فوجي عدالتون آئيني ترميم جي نتيجي ۾ ٺهيون هيون. اٽارني جنرل چيو شرپسندن خلاف فوجداري ڪيس آرمي قانونن تحت آهن، جنهن تي جسٽس مظاهر نقوي چيو اصل سوال اهو آهي ته سويلينز جو فوجي عدالتن ۾ ٽرائل ٿي سگهي ٿو يا نه؟ آئين جي دائري ۾ رهندي ان نقطي جو جواب ڏيو. چيف جسٽس چيو ته 9 مئي تي ٿيندڙ حملا بنا ڪنهن شڪ جي سنگين آهن، اهڙا حملا ڪڏهن نه ٿيا پر ٽرائل منصفاڻو ٿيڻ گهرجي. عدالت ڪيس جي شنوائي جمعي جي صبح ساڍي نائين وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button