اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته سائفر سازش رياست جو معاملو آهي، ڪيس خاص عدالت ۾ موڪليو ويندو. تحريڪ انصاف چيئرمين کي گرفتار ڪري سائفر هٿ ڪرڻ ضروري آهي. تحريڪ انصاف چيئرمين جي ڊرامي سان ملڪي ادارن جي ساک کي نقصان پهتو، سائفر جهڙي ڪوڙي ڊرامي جي سزا ملڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته اعظم خان جو بيان آڊيو جي تصديق آهي، ڪريل سياسي مقصدن لاءِ سائفر ڊرامو ڪرڻ جي ڏوهه ۾ شاهه محمود قريشي به مڪمل طور شريڪ آهي. هن چيو ته اعظم خان جي روڪڻ باوجود اڳوڻي وزيراعظم سائفر جهڙا ڳجها دستاويز پبلڪ ڪيا، جيڪو هڪ ڏوهه آهي، سائفر گم نه ٿيو، اهو پي ٽي آءِ چيئرمين وٽ آهي، کيس گرفتار ڪري سائفر برآمد ڪرڻ ضروري آهي. سندس چوڻ هو ته اعظم خان پنهنجي بيان ۾ وضاحت ڪري ڇڏي آهي ته هو ڪٿي هو؟ بيان موجب هو پنهنجي دوست جي گهر هو ۽ سوچي سمجهي فيصلو ڪرڻ لاءِ سامهون اچڻ کان پاسو ڪري رهيو هو، منظر تي اچڻ اعظم خان جو پنهنجو ئي فيصلو آهي، اعظم خان ڪالهه کان پنهنجي گهر ئي موجود آهي. راڻا ثناءُ الله چيو ته پي ٽي آءِ جو جٿو ملڪي مفادن خلاف ڪم ڪري رهيو آهي، اعظم خان جي بيان مان خبر پئي ٿي ته اصل مير جعفر ڪير آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين ملڪي مفادن سان کيڏيو، قانون ۽ آئين موجب جاچ ڪئي پئي وڃي، پي ٽي آءِ شرپسندن خلاف قانوني ڪارروائيون جاري آهن. هن چيو پي ٽي آءِ چيئرمين کي پنهنجي ڏوهه جو حساب ته ڏيڻو پوندو، رياست جي فرياد تي اهو ڪيس پراسيڪيوشن لاءِ ويندو، اهو ڪيس خاص عدالت ۾ موڪليو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close