دادو: دادو ۾ ٻن ڀينرن سميت 3 معصوم ٻارڙيون مليريا ۾ فوت ٿي ويون. سول اسپتال ۾ مليريا جي دوا جي کوٽ ٿي پئي. ان سلسلي ۾ دادو ۾ صحت کاتي جي ڪامورن جي مجرماڻي ڪوتاهي مليريا مريضن جون زندگيون داءُ تي لڳائي ڇڏيون آهن. ڳوٺ پارو جو کوهه ۾ عبدالغفار چانڊيو جون 2 نياڻيون 3 سالن جي ضميران ۽ 9 مهينن جي زويا چانڊيو مليريا وبا ۾ فوت ٿي ويون. واهي پانڌي جي ڳوٺ فتح بروهي ۾ 12 سالن جي رضوانه ڌي مراد بروهي مليريا ۾ فوت ٿي وئي. سول اسپتال دادو جي او پي ڊي ۾ 24 ڪلاڪن دوران 281 مريضن جي مليريا پازيٽو اچڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. سول اسپتال ۾ مليريا جي ٽيبليٽ هڪ مهيني کان شارٽ هجڻ سبب مريض سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. صحت کاتي جي ذريعن موجب ضلعي ۾ مليريا مريضن جو انگ هڪ هزار کان وڌي ويو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close