پاڪستانسنڌ

پيپلزپارٽي سياست کان مٿانهون ٿي عوام جي خدمت ڪري ٿي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: سنڌ جي اطلاعات وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پيپلزپارٽي سياست کان مٿانهون ٿي عوام جي خدمت ڪري ٿي ان ٻوڏ متاثرن لاءِ 21 لک گهر ٺاهيا آهن، اڄ تاريخي ڏينهن آهي. پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ماڻهن کي مالڪاڻا حق ڏئي رهيو آهي. ڪالهه سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ هن ايوان ۾ بيان ڏيندي ٻڌايو ته 5 هزار ماڻهن کي اڄ زمين جا مالڪاڻا حق ڏينداسين ۽ 3 لک رپين جي مالي امداد به ڏئي رهيا آهيون، گهرن جي اڏاوت جو ڪم شروع ٿي چڪو آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته جيڪي ماڻهو ڪچن گهرن ۾ رهي رهيا هئا انهن کي سنڌ حڪومت گهر ٺاهي ڏيندي. ورلڊ بئنڪ، فوج ۽ سنڌ حڪومت جي نمائندن گڏجي سروي ڪيو هو. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ماڻهن کي زمين جي ملڪيت به ڏيو ۽ ڪوشش ڪريو ته هي ملڪيت عورتن کي ڏني وڃي.

هن چيو ته ان ڏس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سميت سڀني گڏجي ڪوشش ڪئي آهي هن پوري ميگا پروجيڪٽ ۾ هڪ به شڪايت ناهي آئي، پيپلزپارٽي هميشه سياست کان مٿانهون ٿي تاريخي ڪم ڪيا آهن، گهر ٺاهڻ جو واعدو ڪنهن ٻئي ڪيو هو پر ان کي عملي شڪل پيپلزپارٽي ڏئي رهي آهي. هن پي ٽي آئي جو نالو وٺڻ بنا چيو ته هنن ماڻهن ڪوشش ڪئي ته ملڪ ۾ نفرتون وڌن ۽ هن ملڪ کي تباهه ڪيو وڃي. هن جو پنهنجو پرنسپل سيڪريٽري واعده معاف گواهه بڻجي ويو آهي. اسان شروع ۾ ئي چيو هو ته سائفر هڪ ڊرامو آهي. هن چيو ته عمران خان پنهنجي سياسي ايجنڊي خاطر ملڪ جي سلامتي کي دا تي لڳائي ڇڏيو آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته اسيمبلي جو وقت قيمتي آهي ميمبر سوال ڪن ٿا پر ايوان ۾ موجود ناهن هوندا. هن چيو ته پي ٽي آئي جا اسيمبلي ميمبر نٿا اچن ۽ اهي خوف وچان لڪي ويٺا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button