اسلام آبادپاڪستان

زراعت ۽ ريئل اسٽيٽ تي ڪو به ٽيڪس نه لڳايو ويندو:اسحاق ڊار

اسلام آباد :اسحاق ڊار قومي اسيمبلي ۾ آءِ ايم ايف سان ٿيل معاهدي جا دستاويز پيش ڪري ڇڏيا. ناڻي واري وزير خاطري ڪرائي آهي ته زراعت ۽ ريئل اسٽيٽ تي ڪو ٽيڪس نه لڳايو ويندو. اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته اهڙي پاليسي ٺاهيون جنهن سان مهانگائي ۾ گهٽتائي اچي. ان ڏس ۾ ڪالهه اسحاق ڊار قومي اسيمبلي ۾ آءِ ايم ايف معاهدي جا دستاويز پيش ڪيا ۽ چيو ته آءِ ايم ايف سان جيڪو معاهدو ڪيو ويو آهي، ان جا تفصيل ايوان ۾ پيش ڪري رهيو آهيان. مقصد اهو آهي ته پارليامينٽ ميمبرن کي ان جو علم ٿي سگهي، اهو ڪم شفافيت کي برقرار رکڻ لاءِ ڪيو پيو وڃي. سمورا دستاويز ناڻي واري وزارت جي ويب سائيٽ تي به موجود آهن، جڏهن ته انهن دستاويزن جي نقل قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي لائبريري ۾ به موڪلي پئي وڃي. هن چيو ته گذريل حڪومت جي ناقص پاليسين سبب ملڪي معيشت ڏکيائين کي منهن ڏنو. آءِ ايم ايف جو نائون جائزو نومبر 2022، ڏهون فيبروري 2023 ۽ يارهون به 2023 ۾ ٿيڻو هو پر ڪريڊيبيليٽي گيپ سبب نائون جائزو دير جو شڪار ٿيو. اسحاق ڊار خاطري ڪرائي ته زراعت ۽ ريئل اسٽيٽ تي ڪو ٽيڪس نه لڳايو ويندو، پاڪستاني ذخيرا 14 ارب ڊالرن تائين پهچي چڪا آهن، 5 ڏهائي 3 ارب ڊالر نجي بئنڪن وٽ ذخيرا موجود آهن، جڏهن ته 8 ڏهائي 7 ارب ڊالر ذخيرا اسٽيٽ بئنڪ جا آهن، ڪوشش آهي ته ملڪ کي معاشي طور تي مستحڪم ڪري ڇڏي وڃون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button