پاڪستانسنڌ

حيدرآباد جو ميئر قيمتي ايراضي تي قبضا ڪرڻ چاهي ٿو: ايم پي اي راشد خلجي

ايم ڪيو ايم (پاڪستان) مطالبو ڪيو آهي ته أپ پ سان تعلق رکندڙ ميئر حيدرآباد کي شهر جي قيمتي ايراضي تي قبضي ۽ ملازمن کي نوڪرين مان ڪڍڻ کان روڪيو وڃي، حڪمران حيدرآباد کي به لاڙڪاڻو ۽ دادو بڻائڻ چاهين ٿا. نئين چونڊيل ميئر چارج سنڀاليندي ڪرپشن جي انتها ڪري ڇڏي آهي. ايم ڪيو ايم (پاڪستان) جي ايم پي اي راشد خلجي. ايم پي اي نديم صديقي ۽ ٻين حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي جعلي مينڊيٽ ذريعي ميونسپل ڪارپوريشن تي قبضو ڪري شهر جي قيمتي ايراضي تي قبضي جو منصوبو جوڙيو آهي، جڏهن ته گريڊ هڪ کان 5 تائين جي 350 کان وڌيڪ ڀرتي ٿيل ملازمن کي نوڪرين مان ڪڍڻ لاءِ پگهارون بند ڪيون ويون آهن، جيڪو عمل ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. ميونسپل ڪارپوريشن ۾ ٻاهريان ڪيترائي ملازم مقرر ٿيل آهن جن کي پنهنجي علائقن ۾ واپس موڪليو وڃي. هنن چيو ته واسا ۽ سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ ۾ ملازمن کي 10 کان 15 هزار رپيا پگهار ڏني پئي وڃي جڏهن ته سنڌ حڪومت پاران ملازم جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 32 هزار مقرر ٿيل آهي ننڍن ملازمن کان گهٽ پگهار تي ڪم وٺڻ ڪرپشن ۽ غريب ملازمن جو معاشي قتل آهي، ملازمن جي پگهار، ڊيزل ۽ پيٽرول تي به ڪميشن ورتي وڃي ٿي. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي وڏي وزير اختيارين جو ناجائز فائدو وٺندي ايڇ ايم سي جي زمين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن حوالي ڪري ڇڏي آهي جنهن بابت اسان سنڌ حڪومت کي لکي چڪا آهيون، ايم ڪيو ايم (پاڪستان) عوام سان ٿيندڙ هر ناجائزي خلاف ڀرپور آواز اٿاريندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button