اسلام آبادپاڪستان

عالمن محرم الحرام لاءِ ضابطي اخلاق 2023ع جي توثيق ڪري ڇڏي

اسلام آباد : اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر قبلا اياز چيو آهي ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل ۾ پاڪستان جي وڏن ۽ نمائنده عالمن محرم الحرام لاءِ ضابطث اخلاق 2023ع جي توثيق ڪئي آهي. سڀئي شهري اسلامي جمهوريش پاڪستان جي دستور جي بالادستي کي تسليم ڪن.اهڙن خيالن جو اظهار هن ڇنڇر تي اسلامي نظرياتي ڪائونسل ۾ ملڪ جي نمائندن ۽ عالمن سڳورن جي اجتماع جي صدارت کان پوءِ پريس بريفنگ دوران ڪيو. قبلا اياز چيو ته اسلام جي لاڳو ٿيڻ جي نالي تي جبر جو استعمال، رياست خلاف هٿياربند ڪارروائي، تشدد ۽ انتشار جون سڀئي صورتون بغاوت سمجهيون وينديون ۽ اهي ئي شريعت جي روح خلاف آهن، ڪنهن به شخص کي اهو حق حاصل ناهي ته هو حڪومتي، هٿياربند فوج ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن جي ماڻهن سميت ڪنهن به فرد کي ڪافر قرار ڏئي. هن چيو ته هر شخص کي رياست خلاف لساني، علائقائي، مذهبي ۽ فرقيواراڻي تعصب جي بنياد تي هلندڙ تحريڪن جو حصو بڻجڻ کان پاسو ڪري، رياست اهڙن گروهن خلاف سخت ڪارروائي ڪندي. هن چيو ته ضابطا اخلاق ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ڪو به شخص فرقيواراڻي نفرت، هٿياربند فرقيوار تڪرار ۽ جبري طور تي پنهنجا نظريا ڪنهن ٻئي تي مسلط نه ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button