پاڪستانسنڌ

ٿر ۾ اٽي جي اگهه ۾ واڌ ۽ هٿرادو مهانگائي خلاف مارچ، ڌرڻو

مٺي: مٺي ۾ عام واهپي جي شين ۽ خاص طور اٽي جي ڳاٽي ٽوڙ هٿرادو مهانگائي خلاف سوين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا، 4 ڪلوميٽر پيادل مارچ بعد نٽھڻ اس ۾ ڪيترائي ڪلاڪ ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. خبر موجب مٺي ۾ ٿر سجاڳ سٿ جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي ڌرين ۽ عام شھرين اٽو مهانگو وڪرو ڪرڻ ۽ عام واهپي جي شين جي ڳاٽي ٽوڙ واڌ توڙي مهانگائي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي ڪشمير چوڪ تي مظاهرو ڪري ڪيترائي ڪلاڪ ڌرڻو هنيو. ماروي پمپ تان ٿر سجاڳ سٿ جي اڳواڻن سالم سميجو، الماس نهڙيو، راهول ديو، آڪاش ھميراڻي، اشوڪ خاموش ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نڪتل ريلي مختلف هنڌن تان گشت ڪندي 4 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري ڪشمير چوڪ پهتي. احتجاج ۾ ايس ٽي پي جي گهنشام مالهي، ايس يو پي جي عمر انڙ، قومي عوامي تحريڪ جي شاهنواز هنڱورجو، عوامي تحريڪ جي سائينداد هنگورجو، جماعت اسلامي جي مير محمد بليدي، پي ٽي آئي جي پرشوتم سوراڻي ۽ بي آئي ايف جي پهلاج ڀيل ڪارڪنن سميت شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ٿر ۾ اٽي سميت عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ هٿرادو ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ڪري عوام کي خودڪشين تي مجبور ڪيو ويو آھي، ٿر ۾ اٽو ڏيڍ سئو رپيا ڪلو وڪرو ٿئي پيو، جنهن سبب عوام ٻه ويلا ماني لا دربدر ۽ پريشان آھي. معدني وسيلا ملڻ بعد ٿر ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ شاهوڪار ضلعو آھي، پر عوام بک، بيروزگاري ۽ غربت سبب خودڪشيون ڪري رهيون آھي، ٿر جو عوام هڪ ڏينهن مزدوري ڪري هڪ ويلي جي ماني لا اٽو خريد نٿو ڪري سگهي. ٿر ۾ هٿرادو مهانگائي مقامي چونڊيل نمائندن، ضلعي انتظاميا ۽ واپاري مافيا جي ڳٺجوڙ جو نتيجو آھي، ضلع انتظاميا ۽ سرڪاري ريٽ تي عمل ڪرائيندڙ ادارا مهانگائي جو طوفان برپا ڪري ويٺل واپارين جا ساٿاري ۽ سهولتڪار بڻيل آھن. هنن چيو ته ٿر ۾ مهانگائي تي ضابطو نه آندو ويو ته ضلعي ۾ شٽربند هڙتال ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button