پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ طوفاني برسات، 13 ماڻهو فوت

حيدرآباد: سنڌ ۾ ٽئين ڏينهن به گجوڙ، کنوڻ ۽ تيز هوائن سان برسات پئي. مختلف واقعن ۾ ٻن ڀائرن ۽ 3 معصوم ڀينرن سميت 13 ماڻهو فوت ٿي ويا. اڪثر شهرن ۾ برسات سبب هيٺائي وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا ۽ بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو. ان سلسلي ۾ حيدرآباد ۾ منجهند کان شام تائين حيدرآباد سٽي، لطيف آباد ۽ قاسم آباد سميت حيدرآباد ٻهراڙي ۾ هوا سان گڏ زوردار برسات پئي، برسات دوران حيسڪو بجلي بند ڪري ڇڏي. حيدرآباد جي ڳتيل آبادي وارن علائقن ۾ رات دير تائين بجلي بحال نه ٿي سگهي هئي. برسات دوران حيدرآباد جي هيٺائين وارن علائقن سٽيزن ڪالوني، اسٽيشن روڊ، ڪينٽ قبرستان روڊ، ڦليلي، وحدت ڪالوني، حيدر چوڪ، گاڏي کاتو، پريٽ آباد، مرزا پاڙو ۽ پٺاڻ ڪالوني سميت مخلتف علائقن ۾ پاڻي بيٺل هو. ٻن ڏينهن جي وسڪاري کانپو وڏو پاڻي بيهجي ويو. حيسڪو ترجمان موجب ته حيدرآباد ريجن ۾ 65 فيڊر بند ڪيا ويا، جنهن ۾ 15 فيڊر حيدرآباد جا شامل هئا. بجلي جي بند ٿيڻ کانپو بند فيڊرن جي بجلي بحال ڪئي پئي وڃي. سکر جي سائيٽ واري علائقي جي ڳوٺ ميانداد کوسو ۾ اوچتو گهر جي ڇت ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ 9 گهرڀاتي دٻجي ويا ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته گهر جي ڇت ڪرڻ دوران نينگر ايان، عورت ڪشمير، رخسانه ۽ نوجوان عبدالقدير فوت ٿي ويا آهن. پوليس موجب ٻن عورتن صبا ۽ ريحانه سوڌو چئن زخمين کي ملبي هيٺان ٻاهر ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته هڪ ڄڻو ملبي هيٺيان ٻڌايو پيو وڃي. پيش آيل حادثي بعد ڳوٺ ۾ سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو آهي. لواري شريف لڳ آرٽلري چڪ ٽو ڳوٺ ٻانهون ڀيل ۾ برسات دوران گهر تي وڄ ڪرڻ سبب 30 ورهين جي ڀاڳي زال پيارو ڀيل فوت ٿي وئي، جنهن جو 6 مهينن جو معصوم پٽ گلاب ڀيل سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. ذريعن موجب معصوم ٻارڙي جي هڪ اک ضايع ٿي وئي آهي. ٻھڊمي لڳ ڳوٺ عبدالغني جت گهر جي اڱڻ ۾ ٻڪرين کي گاهه ڏيندڙ عورت 50 ورهين جي بچلان زال عبدالواحد جت موقعي تي فوت ٿي وئي. چڪ ٿاڻي جي حد بيچانجي واري علائقي جي ڳوٺ ملنگ جاگيراڻي ۾ حفيظ الله جاگيراڻي جي گهر جي برسات سبب ڀت ڪري پئي، جنهن سبب ڀت هيٺان راند کيڏندڙ 3 معصوم ڀينرون دعا، آپا ۽ سونهن ڌيئر حفيظ الله جاگيراڻي دٻجي فوت ٿي ويون. جڏهن ته هڪ عورت نظير جاگيراڻي جي گهرواري زخمي ٿي پئي، واقعي بعد زخمي عورت کي نازڪ حالت ۾ سکر جي اسپتال نيو ويو. ڳوٺاڻن پهچي ٽنهي معصوم نينگرين کي ڀت هيٺان ڪڍي ورتو. ٻئي پاسي چڪ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ سانوڻي جي برسات گذريل 48 ڪلاڪن کان جاري آهي، جنهن سبب ڪچن گهرن ۾ رهندڙ ماڻهن کي سخت نقصان پهتو آهي. واهي پانڌي ۾ نئين نلي ۾ مڇي جي شڪار تي ويل هڪ ئي گهر جا 3 ڀاتي 2 سڳا ڀائر صدر لغاري، حافظ قرآن مولوي علي نواز لغاري ۽ ڀائيٽو مظھر لغاري نئين نلي جي تيز وهڪري ۾ لڙهي ٻڏي فوت ٿي ويا، جن جا لاش مقامي ماڻهن وڏي ڳولا کانپوءِ پاڻي مان ھٿ ڪري ورتا، لاش گهر آندا ويا ته ڪهرام مچي ويو. ٻئي پاسي نئين گاج جي وهڪري ۾ مسلسل برساتن سبب چاڙھه اچڻ ڪري ٻٽين مورين وٽان روڊ کي گهارو پئجي ويو، جنهن سبب واهي پانڌي سميت 50 کان وڌيڪ ڳوٺن ٽنڊو رحيم خان، هليلي، سيوو جمالي، بکر جمالي، مٺو خان رستماڻي، دودو برهماڻي، صاحب خان لغاري، پير بخش لاشاري ۽ عرس لغاري سميت ٻين ڳوٺن جو زميني رابطو دادو کان ٻن ڏينهن کان ڪٽيل آهي. رستو نه هجڻ ڪري ڳوٺ صاحب لغاري جي رهواسي پورهيت علي گل لغاري جي 7 سالن جي ٻارڙي دادلي تيز بخار سبب فوت ٿي وئي. ڪاڇي ۾ برساتن سبب ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿيڻ باوجود ضلعي انتظاميا صحت جي سهولتن سميت ڪو به تحرڪ نه ورتو. ڪاڇي واسين مطالبو ڪيو ته ڪاڇي ۾ نئين گاج، نئين نلي، نئين انگئي، نئين خنڌاني ۽ نئين سوري سميت ٻين نئين تباهي مچائي ڇڏي آهي، ڳوٺن ۾ کاڌي پيتي جي کوٽ ٿي پئي آهي، ڪچا گهر ڊهي پوڻ ڪري ماڻهو کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، جن جي فورن واهر ڪئي وڃي. خيرپور ضلعي ۾ گذريل ڏينهن کان ھلندڙ برسات تباهي مچائي ڇڏي، برساتي پاڻي روڊن تي تلائن جو ڏيک ڏيڻ لڳو، برسات ھيٺاھين وارن علائقن کي ٻوڙي ڇڏيو آھي، جڏھن ته برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ جي نتيجي ۾ پاڻي گھرن ۾ داخل ٿي ويو، جنھن سان ڪچن گھرن کي سخت نقصان پھتو آھي، جڏهن ته برسات سبب کجي جي آبادگارن جا ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا آھن، سندن جو ڪروڙين رپين جو نقصان ٿي چڪو آهي، کجي جي آبادگارن ضمير علي، امتياز احمد، نعمت علي، ڌڻي بخش، ۽ ٻين چيو ته برسات سڄي علائقي کي ٻوڙي ڇڏيو آهي، جنھن سبب ڪيترا ئي ڳوٺ پاڻي ھيٺ اچي ويا آهن، جنھن ڪري اسان جي کجين رکڻ جا پڙ پڻ پاڻي ھيٺ اچي ويا آهن. ٽنڊو محمد خان ۾ برسات جي چوٿين ڏينهن زوردار وسڪاري کانپوءِ شهري علائقي جا روڊ، رهائشي علائقا ۽ واپاري مرڪز برساتي پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا، هنگامي صورتحال باوجود ميونسپل انتظاميه فوري طور برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي. دادو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ اڄ ٻئي ڏينھن به ڪٿي ھلڪي ته ڪٿي تيز برسات جو سلسلو جاري، 24 ڪلاڪن کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رھيو، مواصلاتي نظام دھرم برھم ٿي ويو برسات سبب پوکيل ووڻن جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ رسڻ جو پڻ خدشو وڌر ويو. لاڙڪاڻي برسات سبب روڊ رستن تي برساتي پاڻي تلاءُ جي صورت اختيار ڪري ويو ۽ شهر جي اڪثر روڊن رستن تي ٽريفڪ جام ٿي وئي. سيپڪو طرفان برسات دوران شهر جي اڪثر علائقن جي بجلي مڪمل طور بند ڪئي وئي. چيلهار ۽ ڀرپاسي جي اڪثر علائقن ۾ وقفي وقفي سان ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جاري آهي، گذريل رات هلندڙ برسان ۾ چيلهار ڀرسان ڳوٺ آسار ڀرسان 3 الڳ الڳ جڳهن تي کنوڻ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ پورهيت اتم ميگھواڙ جون 16 ٻڪريون، چونو ميگھواڙ جي هڪ ۽ ھڪ ٻڪري مهيسو ميگھواڙ جي مري وئي. ٻي واقعي ۾ پورهيت سير سنگهه ٺڪر جون 9 ٻڪريون ۽ امر سنگهه ٺڪر جون 3 ٻڪريون مري ويون. ٽئين واقعي ۾ ٻورلي نهارو ڀيل ۾ پورهيت پنجو لونگاڻي جي هڪ ڍڳي مري وئي. بلڙي شاھه ڪريم ۽ ٽنڊو غلام حيدر تعلقن جي مختلف علائقن ۾ پڻ وسڪاري تباهي آندي آهي، برسات پوڻ سان ڦٽين جي فصلن کي ڪاپاري نقصان رسيو آهي. ھنڱورجا، رسول آباد ۽ ڀرپاسي ۾ چوٿين ڏھاڙي تيز طوفاني برسات پوڻ سبب مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو. برسات پوڻ سبب وونئڻن ۽ جوئر جي فصلن کي ڪاپاري ڌڪ رسيو آھي. خانواھڻ ۽ آسپاس جي علائقن ۾ تيز ھوا سان گڏ برسات جاري رهي. سامارو ۾ 6 ڏينھن کان سانوڻي جي ڪنھن مھل تيز ته ڪنھن مھل وچولين ھلڪين برساتن جي وسڪارن عام زندگي مفلوج بڻائي ڇڏي آھي. شھرن ۾ ڪاروبار به سخت متاثر ۽ فصلن کي به نقصان رسڻ جو خدشو آهي. باقراڻي ۾ تيز هوا سان گڏ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي. مواصلاتي نظام ڊانواڊول ٿي ويو، بجلي 24 ڪلاڪن کان بند آهي. ٽنڊوآدم ۽ ڀرپاسي ٻن ڏينهن کان وقفي وقفي سان پوندڙ تيز برسات شھر ۽ ڳوٺن کي ٻوڙي ڇڏيو. ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي بيٺل آهي. اهڙي طرح پڊعيدن، مٺي ۽ ڏوڪري ۾ به برسات پئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button