سامارو: سامارو لڳ پرڻيل جوان عورت زهر سبب فوت ٿي وئي. سندس ڀا مطالبو ڪيو ته حقيقت ڄاڻڻ لا پوسٽ مارٽم ڪرايو وڃي. رپورٽ موجب سامارو لڳ ڳوٺ گلزار خليل جي رھواسڻ 22 سالن جي عورت ڏيڍ سال جي معصوم پٽ جي ما زيب النسا عرف زيبو زال مالڪ ڏنو کوسو گھريلو اڻبڻت سبب مبينا طور زھريلي دوا پي ڇڏي، جنھن کي سرڪاري اسپتال آندو ويو، جتي طبي امداد دوران عورت فوت ٿي وئي، اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ ورتو. ان موقعي تي فوتي عورت جي ڀا رام جاڳو ڀرسان ڳوٺ پنھون خان کوسو جي رھواسي عبدالحق کوسو “سنڌ ايڪسپريس” سان ڳالهائيندي چيو ته منھنجي ۽ ڀيڻويي مالڪ ڏنو جون بدي ۾ شاديون ٿيل آھن، فوتي ڀيڻ جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو وڃي ته خبر پوي ته خودڪشي آھي يا ٻيو ڪجھه، سموري حقيقت پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ اچي ويندي، جنھن بعد ڪا قانوني ڪاروائي ڪرائي ويندي. ٻئي پاسي ڊاڪٽرياڻي موڪل تي ھئڻ سبب سامارو پوليس عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لا عمرڪوٽ اسپتال آندو، جتان لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪي لاش گھر کڻائي پھتا ته ڪھرام مچي ويو. عورت جو لاش اباڻي قبرستان ۾ مٽي ما حوالي ڪيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close