پاڪستانسنڌ

ڇاڇري ۾ نوجوان جي بازيابي لا وارثن جو مظاهرو

ڇاڇرو: ڇاڇرو شهر جي وارڊ نمبر 5 جو رهواسي نوجوان سرطو پٽ گمانو ميگھواڙ گم ٿي ويو. نوجوان جي پيرسن ما، وڏي ڀا ڪستورو ۽ ڳوٺاڻن عورتن سميت سندس ڳولا ۾ مدد لا مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي نوجوان جي ڀا ڪستورو ۽ ما جوٿي چيو ته پٽ اغوا ٿيو آهي، پٽ جو گهرواري ۽ ساهورن سان گذريل 5 مهينن کان تڪرار هلندڙ ۽ طلاق وارو معاملو عدالت ۾ هلي رهيو آهي، گذريل ڏينهن پٽ جي سهري پمون ميگھواڙ فون ڪال ڪري پٽ کي چيو ته اچ ته پاڻ ۾ صلح ٿا ڪريون ۽ تنهنجي گهرواري کي به راضي ڪري ڇڏيو آهي، ان کي وٺي وڃ، جنهن بعد پٽ گذريل ڏينهن شام جو روانو ٿيو ۽ آخري فون ڪال ڪندي چيو ته مونکي کڻي پيا وڃن، جنهن بعد فون رابطو ڪٽجي ويو، هاڻ فون بند مليپيو. ڳوٺاڻن پرڀو ميگھواڙ، امولک، مانسينگو، اشوڪ، گيمرو مل، ڪرشن ۽ ٻين چيو ته نوجوان جي ما ڳوٺ مان اٽو خيرات ۾ گهري پيٽ پالي ٿي، پمون ميگھواڙ ۽ ٻيا بااثر هنن غريبن جو جيئڻ جنجال ڪري ڪري ڇڏيو آهي. نوجوان جي وارثن ۽ ڳوٺاڻن ايس ايس پي ٿر کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي نوجوان کي بازياب ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button