ٽنڊوالھيار: ٽنڊوالهيار شهر ۾ نامعلوم ماڻھو آرمي اهلڪار کي مبينا طور گهران کنڀي ويا. سندس گهر واري بازيابي جي گهر ڪئي. شهر جي سبزي منڊي بائي پاس لڳ امر ٽائون ۾ رهندڙ 35 ورهين جي زاهد آرائين کي نامعلوم ماڻهو گهر ۾ داخل ٿي مبينا طور کنڀي کڻي ويا. ان سلسلي ۾ سندس گهرواري آمنه صحافين کي ٻڌايو ته مڙس آرمي ۾ اهلڪار آهي، جيڪو موڪل تي گهر آيو، اڄ کيس واپس وڃڻو هو. رات جو ساڍي 12 وڳي 15 ماڻهو گهر ۾ داخل ٿيا، جن مان 5 ماڻهن کي پوليس وردي پهريل هئي، نامعلوم ماڻهن مڙس تي تشدد ڪيو ۽ کيس کنڀي کڻي ويا، گهر ٻاهران 3 پوليس جون موبائيلون به بيٺل رهيون. هن چيو ته گهر جي تلاشي وٺڻ بعد مڙس کي کنڀيو ويو، ٽنڊوالهيار پوليس گرفتاري کان لاتعلقي ڏيکاري آهي. هن آرمي چيف، ڪور ڪمانڊر ڪراچي، ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ٽنڊوالهيار کان گهر ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي مڙس کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close