ڪراچي: ڪراچي جي علائقي ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي ۾ قيوم آباد ويجهو پاڪستان تحريڪ انصاف جي باغي سنڌ اسيمبلي ميمبر اسلم ابڙو جي ڀا جي گاڏي تي فائرنگ سبب سندس ڀا اڪرم ابڙو ۽ ڀائٽيو مارجي ويا، جڏهن ته ٻه ڄڻا زخميه ٿي پيا. تفصيل مطابق ڪراچي جي علائقي ڊفينس فيز 7 ۾ ايم پي اي اسلم ابڙو جي ڀا جي ويگو گاڏي نمبر ڪي وي 6052 تي موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪئي. ان سلسلي ۾ پوليس ٻڌايو ته فائرنگ جي واقعي ۾ الاهي بخش ابڙو محفوظ رهيو، جڏهن ته گاڏي ۾ سوار ايم پي اي اسلم ابڙو جو ڀا اڪرم ابڙو ۽ ڀائٽيو شهريار ابڙو مارجي ويا. واقعي ۾ ارشاد علي پنهور ۽ عبدالله ابڙو زخمي ٿيا، پوليس جي شروعاتي اندازي مطابق فائرنگ سان گاڏي جي ونڊ اسڪرين ۽ ڀرپاسي ۾ لڳ ڀڳ 2 درجن کان وڌيڪ گوليون لڳيون آهن. ايس پي انويسٽيگيشن سائوٿ مطابق گاڏي ۾ موجود 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، الاهي بخش ابڙو نالي ملازم واقعي ۾ محفوظ رهيو. جوابدارن تاڙ ڪري گاڏي کي نشانو بڻايو. واقعي واري هنڌ تان وڏا هٿيار ۽ نائين ايم ايم جا کول مليا آهن، وڌيڪ جاچ لاءِ ڪرائيم سين يونٽ کي طلب ڪيو آهي. پوليس مطابق اکين ڏٺل شاهدن کان بيان ورتا ويندا. پوليس آفيسر متاثر فيملي سان به رابطي ۾ آهن. ايس پي انويسٽيگيشن سائوٿ ٻڌايو ته ظاهر ۾ جوابدار هڪ کان وڌيڪ موٽرسائيڪلن تي سوار هئا ۽ انهن گاڏين تي اٽڪل 25 جي لڳ ڀڳ فائر ڪيا، واقعو ذاتي دشمني لڳي ٿو، اسلم ابڙو جو تعلق جيڪب آباد سان آهي، جتي سندس خانداني دشمني هلي رهي آهي، جڏهن ته پوليس آفيسر واقعي بابت مختلف پاسن کان جاچ ڪري رهيا آهن ۽ علائقي جا سي سي ٽي وي فوٽيجز به چيڪ ڪيا پيا وڃن. ايس ايس پي سائوٿ اسد رضا ٻڌايو ته اٽڪل 11 لڳي 15 منٽن تي اڪرم ابڙو چئن ماڻهن سان گڏ خيابان شمشير ڊي ايڇ اي ۾ پنهنجي رهائشگاهه تان گاڏي ۾ سوار ٿي جيڪب آباد لاءِ روانو ٿيو، جڏهن اهي ڪورنگي ڪاز وي ويجهو پهتا ته اٽڪل 11 لڳي 35 منٽن تي سندس گاڏي تي اڻڄاتل هٿياربندن لڪي فائرنگ ڪري ڏني. هن ٻڌايو ته فائرنگ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي فوري طور جناح اسپتال پهچايو ويو. پوليس علائقي تي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close