اسلام آباد : وفاقي ڪابينا مالياتي تبديلين جي موثر اثرن کان بچاءُ ۽ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ نيشنل ايڊاپٽيشن پلان “قومي موافقت پلان 2023ع”، احتساب عدالتن جي نئين سر تنظيم سازي، قومي هنگر پاليسي کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان ڪندي سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ ترميمي بل جي مسودي، صارفين جي ڊيٽا جي تحفظ ۽ انفارميشن سسٽم جي غيرقانوني استعمال کي روڪڻ لاءِ اي سيفٽي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي. جڏهن ته وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ ۾ سڌوسنئون ٻاهرئين سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ ٺوس پاليسي تي عملدرآمد ڪري رهي آهي، آذربائيجان سان ايل اين جي معاهدي توانائي جي تحفظ لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو. ڪالهه وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ وزيراعظم هائوس ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وفاقي ڪابينا انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت جي سفارش تي صارفين جي ڊيٽا جي تحفظ ۽ انفارميشن سسٽم جي ناجائز ۽ غيرقانوني استعمال کي روڪڻ جي لاءِ اي سيفٽي بل 2023ع جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي. بل جي منظوري کانپوءِ آن لائين هراسمينٽ، سائبر بلنگ، بليڪ ميلنگ جهڙن ڪڌن ڏوهن کي موثر طريقي سان روڪي سگهبو. وفاقي ڪابينا انفارميشن ٽيڪنالاجي اينڊ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وزارت جي سفارش تي پرنسپل ڊيٽا پروٽيڪشن بل 2023ع جي به اصولي منظوري ڏئي ڇڏي. ان بل تحت حڪومت مختلف ادارن ۽ ڪمپنين، صارف جي ذاتي دستاويزن/ ڊيٽا جي حفاظت يقيني بڻائيندي ۽ انهن جي اجازت کانسواءِ ڪنهن به ڪمپني، شخص يا حڪومتي اداري کي صارف جي اجازت کانسواءِ ان جا دستاويز، ڊيٽا ڏيڻ تي پابندي هڻندي. ڪابينا پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ سيڙپڪاري بورڊ آرڊيننس 2001ع جي ترميمي بل جي مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏي. جڏهن ته قومي ڀنگ پاليسي جي نقطن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف جي سربراهي ۾ وزارتي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. اها ڪميٽي پنهنجي سفارشن کي حتمي شڪل ڏئي ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ پنهنجون سفارشون پيش ڪندي. وفاقي ڪابينا قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي احتساب عدالتن جي نئين سر تنظيم سازي جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن تحت 11 احتساب عدالتن کي، 7 بئنڪنگ ڪورٽس، ٻن کي انٽيليڪچوئل ٽربيونل، هڪ کي اسپيشل ڪورٽ سينٽرل ۽ هڪ کي اسپيشل ڪورٽ بلوچستان ۾ تبديل ڪيو ويندو. ان نئين سر تنظيم سازي تي ڪي به اضافي خرچ نه ايندا. وفاقي ڪابينا سوئي ناردرن گئس پائيپ لائين جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي نئين سر جوڙجڪ ۽ اسلام آباد هيلٿ ڪيئر ريگيوليٽري اٿارٽي جي سليڪشن ڪميٽي جي ميمبرن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا موسمياتي تبديلي واري وزارت جي سفارش تي قومي ايڊاپٽيشن پلان 2023ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان کان علاوه گهرو وزارت جي سفارش تي ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ نالا وجهڻ ۽ ڪڍڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close