اسلام آبادپاڪستان

بلاول ڀٽو ۽ روسي هم منصب جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو

اسلام آباد :پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ روسي فيڊريشن جي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف وچ ۾ اربع تي ٽيليفونڪ رابطو ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان مطابق ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفن معاملن ۽ مختلف شعبن ۾ وڌندڙ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير پنهنجي روسي هم مصنب کي پاڪستان جي دوري جي دعوت به ڏني، ٻنهي پرڏيهي وزيرن بليڪ سي گرين انيشيٽو تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير بلاول ان قدم جي اهميت کي تسليم ڪندي خوراڪ جي اگهن ۾ واڌ ۽ غذائي تحفظ بابت چئلينجز جو سبب بڻجندڙ عالمي غذائي سپلائي چين ۾ رڪاوٽ تي ان جي امڪاني اثرن کي تسليم ڪندي عمل جوڳو حل تلاش ڪرڻ لاءِ ٺوس ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. هن اميد ظاهر ڪئي ته بي ايس جي آئي ۾ شامل سمورن ڌرين انيشيٽو کي بحال ڪرڻ لاءِ تعميري ڳالهه ٻولهه ۾ مشغول ٿيندا. ان حوالي سان پرڏيهي وزير سمورين ڌرين جا خدشا ختم ڪندي معاهدي جي بحالي لاءِ بين الاقوامي ڪوششن لاءِ پاڪستان جي حمايت کي ورجايو. بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي روسي هم منصب کي يوڪرين ۽ ترڪي جي پرڏيهي وزيرن، آمريڪي پرڏيهي وزير ۽ يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي سان بي ايس جي آئي تي ڳالهه ٻولهه کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير سرگئي لاروف ان معاملي تي روس جي موقف جو اظهار ڪيو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن ان معاملي تي ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button