اسلام آبادپاڪستان

نگران حڪومت کي اضافي اختيار ڏيڻ جو بل منظور

اسلام آباد : حڪومت اتحادين جا خدشا دور ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي، پارليامينٽ نگران وزيراعظم ۽ حڪومت جي اختيارن بابت آرٽيڪل 230 سميت 54 شقن کي اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل 2023 ذريعي منظور ڪري ورتو. جڏهن ته جماعت اسلامي، تحريڪ انصاف ۽ پيپلز پارٽي جي رضا رباني اليڪشن ايڪٽ ۾ شامل شق 230 جي مخالفت ڪري ڇڏي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ٻئي ڏينهن به جاري رهيو.جتي قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چونڊ سڌارن جو ترميمي بل پيش ڪيو، جيڪو اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو. وفاقي وزير چونڊ سڌارن تي ڪالهه اٿاريل اعتراضن جي وضاحت ڪئي ۽ مخالف ڌر ۽ اتحادين جا اعتراض به مڃيا. اليڪشن ايڪٽ ۾ شامل شق 230 ۾ ترميم ذريعي نگران حڪومت کي روز مرهه جي معاملن سميت ايمرجنسي ڪيسن کي ڏسڻ جو به اختيار حاصل هوندو. نگران حڪومت اڳ ۾ هلندڙ پروگرامن ۽ منصوبن بابت اختيار استعمال ڪري سگهندي. نگران حڪومت کي ٻه طرفي ۽ ٽي طرفي معاهدا ڪرڻ ۽ ادارن سان اڳ ۾ ئي جاري منصوبن ۽ معاهدن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو اختيار هوندو. بل تحت نگران حڪومت جا اختيار محدود هوندا، ڪو به نئون معاهدو نه ڪري سگهندي. اليڪشن ايڪٽ جي آرٽيڪل 230 جي شق 1 ۽ شق 2 ۾ ترميم موجب هاڻي نگران حڪومت کي پاليسي فيصلا ڪرڻ جو اختيار حاصل هوندو. ترميم تحت نگران حڪومت کي اختيار ڏنا ويندا ته هو عالمي ادارن ۽ پرڏيهي حڪومتن سان اهم معاهدن بابت قدم کڻي. گڏيل اجلاس ۾ منظور ٿيل اليڪشن ايڪٽ ۾ شامل ٻين ترميمن موجب پرزائيڊنگ آفيسر نتيجو فوري طور تي اليڪشن ڪميشن ۽ رٽرننگ آفيسر کي موڪلڻ جو پابند هوندو. پرزائيڊنگ آفيسر حتمي نتيجن جي تصوير ڪڍي ريٽرننگ آفيسر ۽ اليڪشن ڪميشن کي موڪليندو. جڏهن ته انٽرنيٽ جي سهولت نه هجڻ جي صورت ۾ پرزائيڊنگ آفيسر پاڻ هلي اچي اصل نتيجا پهچائڻ جو پابند هوندو. پرزائيڊنگ آفيسر اليڪشن جي رات 2 وڳي تائين نتيجا ڏيڻ جو پابند هوندو، دير ٿيڻ جي صورت ۾ کيس پڪو سبب ڏيڻو پوندو، پرزائيڊنگ آفيسر کي چونڊ نتيجن لاءِ ٻئي ڏينهن صبح 10 وڳي تائين جي آخري تاريخ هوندي. پولنگ واري ڏينهن کان 5 ڏينهن اڳ پولنگ اسٽيشن تبديل نه ٿي سگهندي، اميدوار چونڊ خرچن لاءِ اڳ ۾ ئي موجود بئنڪ اڪائونٽ استعمال ڪري سگهن ٿا. تڪ بنديون رجسٽرڊ ووٽرن جي برابر تعداد جي بنياد تي ڪيون وينديون، تڪ بندين جو عمل چونڊ شيڊول جي اعلان کان 4 مهينا اڳ مڪمل ڪيو ويندو. سمورن تڪن ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو تعداد برابر هوندو ۽ ووٽرن جي تعداد ۾ فرق 5 سيڪڙو کان وڌيڪ نه هوندو. تڪبندين خلاف شڪايتون 30 ڏينهن اندر داخل ڪرائي سگهجن ٿيون. ترميمي بل موجب اليڪشن ڪميشن پولنگ عملي جا تفصيل ويب سائيٽس تي جاري ڪندو، پولنگ اسٽاف چونڊن دوران پنهنجي تحصيل ۾ ڊيوٽي نه ڏيندو، پولنگ اسٽيشنن ۾ ڪيمرائون لڳائي ووٽ جي رازداري کي يقيني بڻايو ويندو. نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ يا واپس وٺڻ جي صورت ۾ اميدوار کي فيس واپس ڪئي ويندي، اميدوار صحيح سببن جي بنياد تي پولنگ اسٽيشن جي قيام تي اعتراض ڪري سگهندو. حتمي نتيجن جي ٽن ڏينهن اندر، سياسي پارٽيون مخصوص سيٽن لاءِ حتمي ترجيحي فهرست فراهم ڪنديون. ترميمي بل تحت قومي اسيمبلي جي سيٽن لاءِ خرچ جي حد 100 رپين جي وچ ۾ هوندي. لاپرواهي تي پرزائيڊنگ ۽ رٽرننگ آفيسر خلاف اليڪشن ايڪٽ تحت ڪارروائي ڪئي ويندي، ضابطي اخلاق جي ڀڃڪڙي تي فيصلو 15 بدران 7 ڏينهن ۾ ڪيو ويندو ۽ پولنگ عملي جي حتمي فهرست اليڪشن ڪميشن جي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪئي ويندي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کان اڳ چونڊ سڌارن بابت پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آرٽيڪل 230 تي اتحادين جا خدشا ختم ڪيا ويا، جنهن ۾ نگران حڪومت جي اختيارن جي حوالي سان آرٽيڪل 230 ۾ ڪجهه ترميمون ڪيون ويون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button