اسلام آبادپاڪستان

پي ٽي آئي چيئرمين جي توشا خانا ٽرائل روڪڻ جي درخواست رد

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان پوءِ سپريم ڪورٽ به پي ٽي آئي چيئرمين جي توشا خانا ڪيس جو ٽرائل روڪڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. جسٽس مسرت هلالي ريمارڪس ۾ چيو ته توشا خاناه جو ٽرائل ته آخري مرحلن ۾ داخل ٿي چڪو آهي. جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته عدالت ٽرائل ڪورٽ جي معاملي ۾ مداخلت نه ڪندي. اڳوڻي وزيراعظم جي وڪيل خواجا حارث چيو ته هاءِ ڪورٽ ۾ اختيار شنوائي ۽ توشه خانه ڪيس ٽرانسفر جون درخواستون شنوائي هيٺ آهن. جسٽس آفريدي خواجا حارث کي چيو ته هاءِ ڪورٽ کي چئون ٿا ته اها اوهان جي التوا وارين درخواستن کي گڏ ڪري ٻڌي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button