حيدرآباد: ها ڪورٽ حيدرآباد ۾ ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف ڪارونجهر کي عالمي ثقافتي ورثي ۾ شامل ڪرائڻ لا ايڊووڪيٽ شنڪر ميگهواڙ درخواست داخل ڪرائي، جنهن کان پو عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري مائنز اينڊ منرلز ڊولپمينٽ ڊپارٽمنٽ، سيڪريٽري ڪلچرل اينڊ ٽوئرزم، سيڪريٽري فاريسٽ اينڊ وائلڊ لائيف، ڊائريڪٽر جنرل مائنز اينڊ منرلز سميت ٻين لاڳاپيل اختيارين کي نوٽيس جاري ڪندي پهرين آگسٽ تي طلب ڪري ورتو. ايڊووڪيٽ شنڪر ميگهواڙ درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته ڪارونجهر رڻ ڪڇ جي وائلڊ لائيف سينچري آهي، جنهن ڪري ڪارونجهر جي ڪٽائي هميشه لا بند ڪئي وڃي، جيڪڏهن ڪير به ڪارونجهر جي ڪٽائي ڪري ان خلاف قانوني قدم کنيو وڃي، ڪارونجهر هڪ پڪنڪ پوائنٽ آهي ۽ تاريخي ورثو آهي، جنهن کي عالمي ثقافتي ورثي ۾ شامل ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close