ڪراچي: سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته 10 محرم الحرام جو ڏينهن اسان کي اسلام لاءِ قرباني ڏيڻ جو سبق ڏئي ٿو. امام حسين عه اسلام جي سربلندي ۽ اعليٰ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ شهادت ماڻي ۽ روايت قائم ڪئي. جيڪو هر دور ۾ صراط مستقيم تي هلندڙن لاءِ هڪ روشن مثال آهي. امام حسين عه جي هن عظيم قرباني مان اسان کي گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ ملي ٿو. گورنر چيو ته ڪربلا جي شهيدن پنهنجي قول ۽ فعل سان حق ۽ صدارت جي راهه ۾ جانثاري جي عظيم تاريخ رقم ڪئي. هن پوري استقامت سان دين حق جي سربلندي لاءِ شهادت ماڻي پر يزيديت جي آڏو ڪنڌ نه جهڪايو، هي عظيم الشان قرباني اڄ دنيا جي مسلمانن لاءِ سڀ کان امتياز آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close