ڪراچي: پي پي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪربلاجي واقعي مان اسان کي درس ملي ٿو ته عظيم مقصدن لاءِ وڏيون قربانيون ڏيڻيون پون ٿيون ۽ آخرڪار فتح هميشه سچ جي ٿيندي آهي. ميڊيا سيل بلاول هائوس مان جاري ڪيل بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري يوم عاشور جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته حضرت محمد صه جي ڏوهٽي حضرت امام حسين عليه اسلام پنهنجي ۽ پنهنجن پيارن کي قربان ڪري سيکاريو ته حق سان گڏ بيهندڙ سر ڏئي ته سگهي ٿو پر جهڪي نٿو سگهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ هي عهد ڪرڻ جو ڏينهن آهي ته اسان پنهنجي زندگين کي حضرت امام حسين عليه سلام جي تعليم جي روشني ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي قيام کانپوءِ پنهنجي دور جي هر يزيد جي خلاف جدوجهد ڪئي ۽ لازوال قربانيون ڏنيون آهن. ملڪ ۽ معاشري ۾ يزيدي سوچ ڪنهن به شڪل ۾ هجي يوم عاشور تي اسان ان جي خلاف مزاحمت جو وچن ورجايون ٿا، ڇو ته حسينيت ظالم سان وڙهڻ ۽ مظلوم جو ساٿ ڏيڻ جو نالو آهي.