پاڪستانسنڌ

امام حسين رضه جو فلسفو پوري انسانيت لاءِ مشعل راهه آهي: آصف زرداري

ڪراچي: اڳوڻي صدر ۽ پي پي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري يوم عاشور جي موقعي تي حضرت امام حسين عليه سلام ۽ سندس ساٿين کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته امام عالي مقام رسول صلعم جي ڏوهٽي حضرت امام حسين جو فلسفو پوري انسانيت لاءِ مشعل راهه آهي، حضرت بي بي زينب جي يزيد جي درٻار ۾ خطاب يزيد کي شڪست ڏني. بلاول هائوس ميڊيا سيل مان جاري ڪيل بيان ۾ آصف علي زرداري چيو ته مذهب اسلام کي سمجهڻ لاءِ پاڻ سڳورن صه جي ڏوهٽي جي عظيم قرباني مان سکڻ جي ضرورت آهي.

هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت حضرت محمد صلعم جي نواسي جي فلسفي کي مشعل راهه بڻائي وقت جي يزيدن سان مزاحمت ڪئي. آصف زرداري چيو ته اسلامو فوبيا ۾ مبتلا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا عنصر دنيا جي امن لاءِ خطرو بڻجي رهيا آهن، مسلمانن جي دل آزاري دهشتگردي جي زمري ۾ اچي ٿي. دنيا جي مهذب ملڪن جون حڪومتون اهڙن عنصرن جو سختي سان حوصلو ڪمزور ڪرڻ لاءِ قدم کڻن. جيڪي اسان جي پاڪ پيغمبر صلعم جيڪو رحمت العالمين آهي، جي توهين ڪندي اشتعال انگيز مهم لاءِ دنيا لاءِ خطرو بڻجي رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button