پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان قتل, هلندڙ سال مارجي ويلن جو انگ 28 ٿي ويو

ڪراچي: ڪراچي ۾ ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي 21 ورهين جو نوجوان حياتي وڃائي ويٺو، هلندڙ سال هن وقت تائين ڪراچي ۾ ڦرن جي وارداتن ۾ مارجي ويل شهرين جو انگ 82 ٿي ويو آهي. قائد آباد ٿاڻي جي حد لانڍي جي ٽوسٽر گرائونڊ شيرپا ڪالوني سيڪٽر وٽ فائرنگ جي نتيجي ۾ نوجوان سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي فوري طور تي جناح اسپتال نيو پئي ويو ته رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. مقتول غيرشادي شده ۽ 4 ڀائرن مان ٻيو نمبر هو. نوجوان هڪ نجي گارمينٽ فيڪٽري ۾ مشين آپريٽر طور نوڪري ڪندو هو.

پوليس موجب نوجوان گهر ٻاهران گهٽي ۾ موبائل فون استعمال ڪري رهيو هو ته موٽرسائيڪل تي سوار 2 هٿياربند آيا ۽ موبائل فون ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي نوجوان هڪ ڦورو کي پڪڙي ورتو. ان دوران ٻئي هٿياربند نوجوان تي فائرنگ ڪري ڏني ۽ ٻئي فرار ٿي ويا. فائرنگ جي نتيجي ۾ نوجوان عباس سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال نيو پئي ويو ته رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو. مقتول کي هڪ گولي لڳي هئي. واضح رهي ته ڪراچي ۾ هلندڙ سال ڦر دوران مزاحمت تي مارجي ويل شهرين جو انگ 82 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ساڳئي واقعن ۾ فائرنگ سبب زخمي ٿيل شهرين جو انگ 500 کان وڌي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button