اسلام آباد :جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ٻه ڏينهن اڳ پارٽي جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ٿيل ڌماڪي تي ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سوال اٿاريو آهي ته سڄي ملڪ ۾ انٽيليجنس جا 26 ادارا آهن اهي ڪٿي گم آهن. جي يو آئي (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ٿيل بم ڌماڪي ۾ 50 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيڻ تي ردعمل ڏيندي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽيوٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته موجوده صورتحال کي ڏسي جي يو آئي جي مرڪزي مجلس شوريٰ جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. جڏهن ته هن کان اڳ قبائلي سردارن جو جرڳو سڏائڻ جي تجويز آئي آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته ڪجهه عرصو اڳ ڪرم ايجنسي ۾ فرقيواريت وڳوڙ ڀڙڪايا ويا، پورو پشتون ۽ بلوچ بيلٽ ٻري رهيو آهي، ڪراچي تائين وڳوڙن جي لهر نظر پئي اچي. هن سوال ڪيو ته ڇا اسان جا رياستي ادارا رڳو ان ڳالهه لاءِ آهن ته اهي ڪنهن غريب مولوي صاحب کي ٿاڻي ۾ وٺي اچن. ڇا مون کي اعتماد ڏياري سگهو ٿا ته رياست منهنجي حفاظت ڪري سگهي ٿي يا نه يا رڳو مون کان ٽيڪس اوڳاڙيندا. جي يو آئي (ف) جي سربراهه چيو ته اسان بري طرح دهشتگردي جو شڪار آهيون پر دهستگردي جو خاتمو مقصود هجڻ گهرجي، ان تي واپار جي اجازت نٿي ڏئي سگهي، ڪارڪنن کي چوندس ته صبر ۽ تحمل جو دامن نه ڇڏين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close