اسلام آبادپاڪستان

پرڏيهي سيڙپڪار لڪيل خزانا ڳولڻ ۾ ڪردار ادا ڪن:آرمي چيف

اسلام آباد :پاڪستان منرلز سمٽ ٽن “مفاهمتي يادداشتن” تي صحيحن سان پڄاڻي تي پهچي وئي. ان ۾ پاڪستان جي کاڻين جي کوٽائي جي صنعت ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جي موقعن جي خاطري ڪرائي وئي آهي. ڪالهه وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پاڪستان منرلز سمٽ – ڊسٽ ٽو ڊيولپمينٽ مقامي هوٽل ۾ منعقد ٿي. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف خاص مهمان هو. جڏهن ته آرمي چيف جنرل عاصم منير خصوصي طور شرڪت ڪئي. سمٽ ۾ لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي وزيرن، پرڏيهي معززين، سيڙپڪارن ۽ فني ماهرن پڻ شرڪت ڪئي. ان سمٽ جو اهتمام اسپيشل انويسٽمينٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) ۽ بارڪ گولڊ ڪارپوريشن گڏيل طور تي ڪيو هو، جنهن کي پيٽروليم واري وزارت سهولت فراهم ڪئي هئي. اها سمٽ “ڊسٽ ٽو ڊيولپمينٽ: پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا” جي موضوع تي هئي. سمٽ کي 4 سيشنز ۾ ورهايو ويو هو جنهن ۾ چار انفرادي خطاب، چار پينل بحث، هڪ اهم تقرير ۽ وزيراعظم ۽ آرمي چيف جو خصوصي خطاب شامل هو. ان موقعي تي تقريب ۾ ڳالهائيندي آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته اسان جي زمين معدنيات سان مالا مال آهي ۽ ان صلاحيت کي مڪمل طور تي استعمال ڪرڻ لاءِ، اسان پرڏيهي سيڙپڪارن کي دعوت ڏيون ٿا ته هو پاڪستان جي لڪيل خزانن جي ڳولا ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. معدني منصوبا عوام جي ترقي جو هڪ ٿنڀ آهن. اسان جي معاشرتي ذميواري آهي ته اسان گڏجي ملڪي معيشت ۾ ڪردار ادا ڪيون، معدنياتي پروجيڪٽ عوام جي ترقي جو سبب آهن. پاڪستان جو پهريون منرل سمٽ پاڪستان ۾ ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ آسان ڪاروبار جا نوان اصول جوڙي ٿو. اسان کي ڪڏهن به اميد جو دامن نه ڇڏڻ گهرجي. اسان اهڙي سيڙپڪار دوست نظام کي يقيني بڻائينداسين جنهن ۾ آسان شرطن ۽ غير ضروري التوا کان بچي سگهجي. اسان جي ملڪ ۾ موجود کاڻين کوٽڻ جا ڪافي موقعا آهن جيڪي گڏيل ڪاوشن سان عمل پذير آڻينداسين. پاڪستان منرل سمٽ کي خطاب ڪندي آرمي چيف چيو ته پاڪستان حڪومت سمورن ادارن سان گڏجي ايس آئي ايف سي جي قيام کي يقيني بڻايو، تازو ئي قائم ڪيل اسپيشل انويسٽمنٽ فيسيليٽيشن ڪائونسل جو قيام سمورن پارٽنرن کي هڪ پليٽ فارم تي آڻيندو. هن چيو ته ٿوري پنهنجي ملڪ تي نظر وجهون ته برف سان ڍڪيل جبلن کان وٺي ريگستان تائين ساموندي پٽي کان ميداني علائقن تائين هن سرزمين ۾ ڇا ڇا نه آهي. آرمي چيف چيو ته امن ۽ خوشحالي جي رستي تي هلڻ ئي استقامت آهي. جيڪڏهن اسان جو هي گڏيل عزم رهيو ته پوءِ آسمان جون بلنديون اسان جي حد ۽ ان جون ڪشادگيون اسان جون منتظر آهن. آرمي چيف قرآن جو حوالو ڏيندي چيو ته الله ان جي مدد ڪري ٿو جيڪي پاڻ پنهنجي مدد ڪن ٿا. الله رب العزت فرمايو آهي ته توهان پنهنجي رب جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪندا. آرمي چيف بيرڪ گولڊ جي سي اي او ۽ پريزيڊنٽ مارڪ برسٽو ۽ سعودي مائننگ منسٽر انجنيئر خالد بن صالح المديفر ۽ ٻين سيڙپڪارن جو شڪريو ادا ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button